وزيراعظم جي ميٽرڪ ٽيڪ انيشيئٽو جي داخلائن ۾ اضافو

اسلام آباد-16 مئي(اي پي پي) تعليم ۽ پيشوراڻي سکيا جي وفاقي وزارت تحت شروع ڪيل وزيراعظم جي ميٽرڪ ٽيڪ انيشيئٽو ۾ تعليمي سيشن 27-2026ع ۾ داخلائن ۾ نمايان اضافو ٿيو آهي جنهن سان ٽيڪنيڪل ۽ مهارت تي ٻڌل تعليم ۾ شاگردن جي وڌنڌڙ دلچسپي ظاهر ٿئي ٿي. فيڊرل ڊائريڪٽوريٽ آف ايجوڪيشن (ايف ڊي اي) موجب پروگرام تحت داخلا 772 مان وڌي 1،617 تائين پهچي وئي آهي جنهن سان شروع ڪيل …

اسلام آباد-16 مئي(اي پي پي) تعليم ۽ پيشوراڻي سکيا جي وفاقي وزارت تحت شروع ڪيل وزيراعظم جي ميٽرڪ ٽيڪ انيشيئٽو ۾ تعليمي سيشن 27-2026ع ۾ داخلائن ۾ نمايان اضافو ٿيو آهي جنهن سان ٽيڪنيڪل ۽ مهارت تي ٻڌل تعليم ۾ شاگردن جي وڌنڌڙ دلچسپي ظاهر ٿئي ٿي. فيڊرل ڊائريڪٽوريٽ آف ايجوڪيشن (ايف ڊي اي) موجب پروگرام تحت داخلا 772 مان وڌي 1،617 تائين پهچي وئي آهي جنهن سان شروع ڪيل قدمن جي ڪاميابي جي عڪاسي ٿئي ٿي. اهو پروگرام شاگردن کي جديد ٽيڪنيڪل مهارت ۽ ڪيريئر جا بهتر موقعا فراهم ڪرڻ لاءِ ڊيزائن ڪيو ويو آهي جيڪو عملي ۽ صنعت تي مشتمل ڪورسز جي هڪ وسيع رينج پيش ڪري ٿو.  ايف ڊي اي عملدارن جو چوڻ آهي ته ان قدم جو مقصد هينڊ آن ٽريننگ فراهم ڪرڻ ۽ شاگردن کي مارڪيٽ سان لاڳاپيل تعليم ۽ هنر ذريعي ڪيريئر لاءِ تيار ڪرڻ آهي.