اسلام آباد-16 مئي (اي پي پي) واپڊا ملڪي درياهن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جا انگ اکر جاري ڪيا آهن. ڇنڇر ڏينهن جاري ڪيل انگن اکرن مطابق سنڌو درياهه ۾ تربيلا وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 54 هزار 200 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 70 هزار ڪيوسڪ، ڪابل درياهه ۾ نوشهره وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 34 هزار 500 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 34 هزار 500 هزار ڪيوسڪ، خيرآباد پل تي …
درياهن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جا انگ اکر جاري

مزید خبریں
اسلام آباد-16 مئي (اي پي پي) واپڊا ملڪي درياهن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جا انگ اکر جاري ڪيا آهن. ڇنڇر ڏينهن جاري ڪيل انگن اکرن مطابق سنڌو درياهه ۾ تربيلا وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 54 هزار 200 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 70 هزار ڪيوسڪ، ڪابل درياهه ۾ نوشهره وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 34 هزار 500 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 34 هزار 500 هزار ڪيوسڪ، خيرآباد پل تي پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 1 لک 13 هزار 200 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 1 لک 13 هزار 200 ڪيوسڪ، جهلم درياهه ۾ منگلا وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 36 هزار 500 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 26 هزار ڪيوسڪ، چناب درياهه ۾ مرالا وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 20 هزار 400 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 6 هزار 400 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو. بئراجن جي جاري ڪيل انگن اکرن موجب گڊرو وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 60 هزار 600 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 58 هزار 700 ڪيوسڪ، سکر بئراج ۾ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 53 هزار 200 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 17 هزار 500ڪيوسڪ جڏهن ته ڪوٽڙي بئراج ۾ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 11 هزار 300 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو ٻڙي ڪيوسڪ رهيو. آبي ذخيرن جي صورتحال مطابق تربيلا ڊيم جو گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 1402 فوٽ، ڊيم ۾ پاڻي جي موجوده سطح 1451.50 فوٽ ۽ ڊيم ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتهائي سطح 1550 فوٽ، استعمال جوڳي پاڻي جو ذخيرو1.060 ملين ايڪڙ فوٽ، منگلا ڊيم جو گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 1050 فوٽ، ڊيم ۾ پاڻي جي موجوده سطح 1164.05 فوٽ، ڊيم ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتهائي سطح 1242 فوٽ ۽ استعمال جوڳي پاڻي جو ذخيرو 2.298 ملين ايڪڙ فوٽ ۽ چشمه بئراج جو گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 638.15 فوٽ، پاڻي جي موجوده سطح 645.40 فوٽ بئراج ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتهائي سطح 649 فوٽ ۽ استعمال جوڳي پاڻي جو ذخيرو 0.154 ملين ايڪڙ فوٽ رڪارڊ ڪيو ويو آهي.











