حج 2026ع: سرڪاري ڪوٽا جو 77 سيڪڙو مڪمل، 90 هزار پاڪستاني حج پانڌيئڙا سعودي عرب پهچي ويا

مڪو شريف – 16 مئي (اي پي پي) پاڪستان جي مختلف شهرن مان روٽ ٽو مڪه ۽ حج اڏامن ذريعي وڌيڪ 6 هزار 224 حج پانڌيئڙا سعودي عرب پهچي ويا آهن، جنهن کانپوءِ مقدس هنڌ موجود پاڪستاني پانڌيئڙن جو مجموعي انگ 90 هزار 976 ٿي ويو آهي، اهو انگ پاڪستان جي مجموعي سرڪاري حج ڪوٽا جو 77 سيڪڙو آهي. مذهبي معاملن واري وزارت جي ترجمان عمر بٽ مطابق هن وقت …

مڪو شريف – 16 مئي (اي پي پي) پاڪستان جي مختلف شهرن مان روٽ ٽو مڪه ۽ حج اڏامن ذريعي وڌيڪ 6 هزار 224 حج پانڌيئڙا سعودي عرب پهچي ويا آهن، جنهن کانپوءِ مقدس هنڌ موجود پاڪستاني پانڌيئڙن جو مجموعي انگ 90 هزار 976 ٿي ويو آهي، اهو انگ پاڪستان جي مجموعي سرڪاري حج ڪوٽا جو 77 سيڪڙو آهي. مذهبي معاملن واري وزارت جي ترجمان عمر بٽ مطابق هن وقت تائين پاڪستان جي مختلف شهرن مان مديني شريف ۾ 164 ۽ مڪي شريف ۾ 174 اڏامون لينڊ ڪري چڪيون آهن. سعودي عرب پهچڻ وارن مجموعي پانڌيئڙن مان 94 سيڪڙو هن وقت مڪي شريف جڏهن ته 6 سيڪڙو مديني شريف ۾ ترسيل آهن. گذريل ڏينهن پاڪستان مان وڌيڪ 777 حج پانڌيئڙا مديني شريف پهتا جتي هو 8 ڏينهن ترسندا، جڏهن ته 22 هزاي 204 پانڌيئڙا مديني شريف ۾ 8 ڏينهن ترسڻ بعد مڪي شريف پهچي چڪا آهن. اهڙي طرح مديني کان مڪي منتقلي بعد مڪي شريف پهچندڙ پانڌيئڙن جو انگ 35 هزار 249 ٿي ويو آهي جڏهن ته 42 هزار 572 پانڌيئڙا پاڪستان مان سڌي ريت مڪي شريف پهتا آهن. مذهبي معاملن واري وزارت جي انگن اکرن مطابق حج پانڌيئڙن جي خدمت، رهنمائي ۽ طبي سهولتن جي فراهمي لاءِ 98 سيڪڙو زدام الحجاج، 93 سيڪڙو ايس ڊي اي، ٽيڪنيڪل اسٽاف ۽ 87 سيڪڙو ميڊيڪل اسٽاف پنهنجون ذميواريون سنڀالي ورتيون آهن. مسجد الحرام جي داخلي هنڌن تي مقرر حرم گائيڊز هن وقت تائين 17 هزار 768 حج پانڌيئڙن جي رهنمائي ڪئي آهي جڏهن ته مديني شريف ۾ 35 هزار 58 حج پانڌيئڙن کي رياض الجنه جي زيارت ڪرائي وئي آهي. پاڪستاني پانڌيئڙن جي رهائش گاهن مان حرم شريف تائين عمري، عبادت ۽ نمازن جي ادائگي لاءِ اچ وڃ لاءِ ٽرانسپورٽ سروس کي وڌيڪ بهتر ڪيو ويو آهي. گذريل ڏينهن ان سروس ۾ وڌيڪ 45 بسن جو اضافو ڪيو ويو آهي، جنهن کانپوءِ هن وقت تائين مجموعي طور تي 416 بسن ذريعي حج پانڌيئڙن کي 24 ڪلاڪ پڪ اينڊ ڊراپ جون بهترين سهولتون فراهم ڪيون پيون وڃن.