چين شينزو-23 خلائي مشن لانچ ڪرڻ لاءِ تيار

بيجنگ – 16 مئي (اي پي پي) چين پنهنجي نئين انساني خلائي مشن ”شينزو-23“ جي لانچنگ جون تياريون مڪمل ڪري ورتيون آهن. پرڏيهي خابرو اداري مطابق شينزو-23 خلائي جهاز کي لانگ مارچ-2 ايف راڪيٽ سان لانچنگ ايريا ۾ منتقل ڪيو ويو آهي. چيني اختيارين جو چوڻ آهي ته خلائي جهاز کي جلد ئي مناسب وقت تي خلا ۾ روانو ڪيو ويندو. ان مشن ذريعي چين پنهنجي خلائي پروگرام کي وڌيڪ …

بيجنگ – 16 مئي (اي پي پي) چين پنهنجي نئين انساني خلائي مشن ”شينزو-23“ جي لانچنگ جون تياريون مڪمل ڪري ورتيون آهن. پرڏيهي خابرو اداري مطابق شينزو-23 خلائي جهاز کي لانگ مارچ-2 ايف راڪيٽ سان لانچنگ ايريا ۾ منتقل ڪيو ويو آهي. چيني اختيارين جو چوڻ آهي ته خلائي جهاز کي جلد ئي مناسب وقت تي خلا ۾ روانو ڪيو ويندو. ان مشن ذريعي چين پنهنجي خلائي پروگرام کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ ۽ خلائي تحقيق ۾ نئين اڳڀرائي حاصل ڪرڻ جو خواهشمند آهي. ماهرن مطابق شينزو-23 مشن چين جي خلائي اسٽيشن پروگرام جو اهم حصو سمجهيو پيو وڃي.