ناسا ۽ اسپيس ايڪس جو بين الاقوامي خلائي اسٽيشن لاءِ نئون مشن روانو

لاس اينجلس – 16 مئي (اي پي پي) آمريڪي خلائي اداري ناسا ۽ نجي خلائي ڪمپني اسپيس ايڪس بين الاقوامي خلائي اسٽيشن (آءِ ايس ايس) لاءِ نئون تجرباتي سپلاءِ مشن ڪاميابي سان روانو ڪري ڇڏيو. پرڏيهي ميڊيا مطابق اسپيس ايڪس جو ڊريگن خلائي جهاز اٽڪل 6 هزار 500 پائونڊ سامان کڻي آمريڪي رياست فلوريڊا جي ڪيپ ڪينيورل اسپيس فورس اسٽيشن تان روانو ٿيو. ناسا مطابق خلائي جهاز آچر جي صبح …

لاس اينجلس – 16 مئي (اي پي پي) آمريڪي خلائي اداري ناسا ۽ نجي خلائي ڪمپني اسپيس ايڪس بين الاقوامي خلائي اسٽيشن (آءِ ايس ايس) لاءِ نئون تجرباتي سپلاءِ مشن ڪاميابي سان روانو ڪري ڇڏيو. پرڏيهي ميڊيا مطابق اسپيس ايڪس جو ڊريگن خلائي جهاز اٽڪل 6 هزار 500 پائونڊ سامان کڻي آمريڪي رياست فلوريڊا جي ڪيپ ڪينيورل اسپيس فورس اسٽيشن تان روانو ٿيو. ناسا مطابق خلائي جهاز آچر جي صبح خودڪار نظام تحت بين الاقوامي خلائي اسٽيشن سان ڳنڍجي ويندو. مشن ذريعي خلائي اسٽيشن ۾ موجود عملي لاءِ ضروري سامان ۽ ڪيترائي سائنسي تجربا به موڪليا پيا وڃن. ناسا جو چوڻ آهي ته اهو مشن اسپيس ايڪس جو آءِ ايس ايس لاءِ 34 هون واپاري سپلاءِ مشن آهي. مشن جي روانگي پهرين خراب موسم سبب ٻه ڀيرا ملتوي ڪئي وئي هئي.