ڀارت ۾ ٽينڪر جو گاڏي کي ٽڪر 6 ڄڻا فوت، 10 زخمي

نئين دهلي-16 مئي(اي پي پي) ڀارت جي ڏکڻ واري رياست ڪرناٽڪ ۾ تيز رفتار ٽينڪر جي گاڏي کي ٽڪر جي نتيجي ۾ 6 ڄڻا فوت ۽ 10 زخمي ٿي پيا. ميڊيا رپورٽن موجب حادثو ان وقت پيش آيو جڏهن ڪجهه ماڻهو عبادت لاءِ مندر وڃي رهيا هئا. فوتين جو تعلق ڪرناٽڪ جي بلاري ضلعي سان آهي. فوتين ۾ عورتون ۽ ٻار به شامل آهن. پوليس موجب حادثي ۾ زخمي ٿيل …

نئين دهلي-16 مئي(اي پي پي) ڀارت جي ڏکڻ واري رياست ڪرناٽڪ ۾ تيز رفتار ٽينڪر جي گاڏي کي ٽڪر جي نتيجي ۾ 6 ڄڻا فوت ۽ 10 زخمي ٿي پيا. ميڊيا رپورٽن موجب حادثو ان وقت پيش آيو جڏهن ڪجهه ماڻهو عبادت لاءِ مندر وڃي رهيا هئا. فوتين جو تعلق ڪرناٽڪ جي بلاري ضلعي سان آهي. فوتين ۾ عورتون ۽ ٻار به شامل آهن. پوليس موجب حادثي ۾ زخمي ٿيل ماڻهن کي ويجهي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي جڏهن ته ٽينڪر جي ڊرائيور کي تيز رفتاري ۽ غفلت جي الزام ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي.