سعودي عرب جي گهرو وزارت حج پانڌيئڙن جي سهولت لاءِ هدايت جاري ڪري ڇڏي

رياض – 16 مئي (اي پي پي) سعودي عرب جي گهرو وزارت حج 2026ع جي حوالي سان حج پانڌيئڙن جي سهولت ۽ رهنمائي لاءِ اهم نڪتن تي ٻڌل گائيڊ جاري ڪئي آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق گهرو وزارت جو چوڻ آهي ته ضيوف الرحمان (الله جي مهمانن) جي آرام ۽ تحفظ لاءِ جاري ڪيل اهم هدايتن جو مقصد سندن سفر کي آسان ۽ جامع بڻائڻ آهي ته جيئن هو ضابطن مطابق …

رياض – 16 مئي (اي پي پي) سعودي عرب جي گهرو وزارت حج 2026ع جي حوالي سان حج پانڌيئڙن جي سهولت ۽ رهنمائي لاءِ اهم نڪتن تي ٻڌل گائيڊ جاري ڪئي آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق گهرو وزارت جو چوڻ آهي ته ضيوف الرحمان (الله جي مهمانن) جي آرام ۽ تحفظ لاءِ جاري ڪيل اهم هدايتن جو مقصد سندن سفر کي آسان ۽ جامع بڻائڻ آهي ته جيئن هو ضابطن مطابق آرام ۽ سڪون سان پنهنجو فرض ادا ڪري سگهن. وزارت پاران جاري ڪيل هدايتن ۾ حرم شريف جي مختلف هنڌن جي وضاحت ڪئي وئي آهي، مسجد الحرام ۾ ڪهڙن رستن مان داخل ٿين، انهن ٽريڪس بابت به وضاحت ڪئي وئي آهي جن ذريعي ڪعبي جي طواف ۽ سعي لاءِ آساني سان پهچي سگهجي ٿو.