گهرو معاملن واري وفاقي وزير سان آمريڪا جي اسسٽنٽ پرڏيهي وزير فار ڏکڻ ۽ وچ ايشيا ايس پال ڪپور جي ملاقات، پاڪ آمريڪا لاڳاپن ۽ وچ اوڀر جي تازه ترين صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ

اسلام آباد-15 مئي (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي سان ڏکڻ ۽ وچ اوڀر بابت آمريڪا جي اسسٽنٽ پرڏيهي وزير ايس پال ڪپور ملاقات ڪئي، جنهن ۾ پاڪ آمريڪا لاڳاپن ۽ وچ اوڀر جي تازه ترين صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. سيڪيورٽي،د هشتگردي جي خاتمي ۽ منشيات جي خاتمي جي شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي …

اسلام آباد-15 مئي (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي سان ڏکڻ ۽ وچ اوڀر بابت آمريڪا جي اسسٽنٽ پرڏيهي وزير ايس پال ڪپور ملاقات ڪئي، جنهن ۾ پاڪ آمريڪا لاڳاپن ۽ وچ اوڀر جي تازه ترين صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. سيڪيورٽي،د هشتگردي جي خاتمي ۽ منشيات جي خاتمي جي شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي آمريڪا جي وقتي سفير نيٽلي بيڪر ۽ گهرو معاملن وارو مملڪتي وزير طلال چوڌري، وفاقي گهرو سيڪريٽري به موجود هئا. وفاقي وزير محسن نقوي چيو ته صدر ٽرمپ جي دور ۾ پاڪ آمريڪا لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿيا آهن، بيشڪ پاڪ آمريڪا لاڳاپا گڏيل اعتماد ۽ ٻطرفي تعاون تي ٻڌل آهن. هن چيو ته ريڪوڊڪ منصوبي تي ڪم ڪندڙ آمريڪي ڪمپنين جي فول پروف سيڪيورٽي کي يقيني بڻايو ويو آهي. هن چييو ته پاڪستان ۽ آمريڪا وچ ۾ سڌي ريت اڏامون شروع ڪرڻ چاهيون ٿا، هن چيو ته وچ اوڀر جي تڪرار جي پائيدار ۽ پرامن حل لاءِ پراميد آهيون. آمريڪي اسسٽنٽ پرڏيهي وزير خطي ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ پاڪستان جي ڪردار جي ساراهه ڪئي.