اسلام آباد – 15 مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف آءِ بي آءِ گروپ طرفان پاڪستان ۾ ڊجيٽل اڪانامي هيڊ ڪوارٽرز جي قيام جي فيصلي کي ساراهيندي پاڪستان ۽ چين وچ ۾ واپاري سطح تي وڌندڙ سهڪار تي اطمينان جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف سان چين جي 11 رڪني وڏي ڪاروباري وفد وزيراعظم هائوس ۾ ملاقات ڪئي جنهن جي سربراهي آءِ بي آءِ بيجنگ يونائيٽڊ …
پاڪستان ۾ آءِ بي آءِ جي ڊجيٽل اڪانامي هيڊ ڪوارٽرز جو قيام انتهائي هاڪاري ثابت ٿي سگهي ٿو: وزيراعظم محمد شهباز شريف

مزید خبریں
اسلام آباد – 15 مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف آءِ بي آءِ گروپ طرفان پاڪستان ۾ ڊجيٽل اڪانامي هيڊ ڪوارٽرز جي قيام جي فيصلي کي ساراهيندي پاڪستان ۽ چين وچ ۾ واپاري سطح تي وڌندڙ سهڪار تي اطمينان جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف سان چين جي 11 رڪني وڏي ڪاروباري وفد وزيراعظم هائوس ۾ ملاقات ڪئي جنهن جي سربراهي آءِ بي آءِ بيجنگ يونائيٽڊ ٽيڪنالاجي جي باني، صدر ۽ ڪنٽرولنگ شيئر هولڊر چيان شياوجون ڪري رهيو هو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ طرفان جاري بيان مطابق وزيراعظم وفد کي پاڪستان آمد تي آجيان ڪندي پاڪستان ۽ چين وچ ۾ تاريخي لاڳاپن جو ذڪر ڪيو. هن صدر شي جن پنگ جي مدبراڻي قيادت ۾ چين جي شاندار ترقي کي ساراهيندي چيو ته هلندڙ مهيني جي آخر ۾ پنهنجي چين جي دوري جو منتظر آهيان. وزيراعظم آءِ بي آءِ گروپ پاران پاڪستان ۾ پنهنجا ڊيجيٽل اڪانامي هيڊ ڪوارٽرز قائم ڪرڻ جي فيصلي کي ساراهيو ۽ پاڪستان ۽ چين وچ ۾ واپاري سطح تي وڌندڙ سهڪار تي اطمينان جو اظهار ڪيو. هن چيو ته اها ڳالهه انتهائي همٿائيندڙ آگي ته آءِ بي آءِ ڊيجيٽل، معيشت ۾ سهڪار، سيڙپڪاري کي هٿي ڏيڻ ۽ صنعتي شراڪت کي هٿي ڏيندو. پاڪستان معيشت تي اعتماد جو اظهار ڪندي چيان شياوجون چيو ته آءِ بي آءِ پاڪستان جي معيشت ۾ ڊيجيٽل سڌارن ۾ سهڪار جو خواهشمند آهي. هن چيو ته پاڪستان ۾ آءِ بي آءِ جي ڊيجيٽل اڪانامي هيڊ ڪوارٽرز جو قيام ان سلسلي ۾ انتهائي هاڪاري ثابت ٿيندو ۽ پاڪستان جي ننڍي ۽ وچولي درجي جي ڪاروباري ادارن کي چيني مارڪيٽ تائين پهچ فراهم ڪري ڪيترائي موقعا فراهم ڪندو. بيان مطابق اهو وفد وزيراعظم جي سيپٽمبر 2025ع ۾ بيجنگ جي دوري دوران منعقد پاڪستان-چين بزنس ٽو بزنس سيڙپڪاري ڪانفرنس جي سلسلي ۾ پاڪستان جو دورو ڪري رهيو آهي. ملاقات ۾ سيڙپڪاري بابت وفاقي وزير قيصر احمد شيخ، واپار وارو وفاقي وزير ڄام ڪمال خان، آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪام بابت وفاقي وزير شزه فاطمه خواجا، پيٽروليم بابت وفاقي وزير علي پرويز ملڪ، صنعت ۽ پيداوار بابت خاص مددگار هارون اختر، خاص مددگار طارق فاطمي ۽ ٻيا اعليٰ عملدار به موجود هئا.











