اسلام آباد-15 مئي (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته حڪومت ملڪ ۾ واپار، سيڙپڪاري ۽ صنعتي سرگرمين کي هٿي وٺرائڻ لاءِ واپارين،سيڙپڪارن ۽ ڪاروباري برادري سان گڏجي موثر قدم کڻي رهي آهي. جڏهن ته سياسي ۽ عسڪري قيادت قومي علائقائي ۽ عالمي سطح تي امن جي قيام لاءِ ذميوارڻو ۽ فعال ڪردار ادا ڪري رهي آهي.هو اسلام آباد جي سيڪٽر اي 11 گولڙه شريف …
حڪومت واپار، سيڙپڪاري ۽ صنعتي ترقي کي هٿي وٺرائڻ لاءِ نجي شعبي سان گڏجي موثر قدم کڻي رهي آهي: سينيٽ چيئرمين

مزید خبریں
اسلام آباد-15 مئي (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته حڪومت ملڪ ۾ واپار، سيڙپڪاري ۽ صنعتي سرگرمين کي هٿي وٺرائڻ لاءِ واپارين،سيڙپڪارن ۽ ڪاروباري برادري سان گڏجي موثر قدم کڻي رهي آهي. جڏهن ته سياسي ۽ عسڪري قيادت قومي علائقائي ۽ عالمي سطح تي امن جي قيام لاءِ ذميوارڻو ۽ فعال ڪردار ادا ڪري رهي آهي.هو اسلام آباد جي سيڪٽر اي 11 گولڙه شريف جي امتياز گروپ جي 33 هين برانچ جي افتتاحي تقريب کي خاص مهمان طور خطاب ڪري رهيو هو. سينيٽ چيئرمين امتياز گروپ جي چيئرمين امتياز حسين ۽ سندس پٽن، سندس خاندان ۽ انتظاميه کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته امتياز گروپ ملڪ ۾ جديد ۽ منظم واپاري نظام کي هٿي وٺرائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. هن چيو ته اهڙا ادارا نه رڳو قومي معيشت کي مضبوط بڻائين ٿا پر عوام کي معياري ۽ مناسب قيمتن تي شين جي فراهمي ذريعي حقيقي معنيٰ ۾ رليف به فراهم ڪن ٿا. هن چيو ته اسلام آباد ۾ قائم ڪيل عالمي معيار جو سپر اسٽور ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته پاڪستاني ڪاروباري ادارا عالمي سطح تي مقابلو ڪرڻ جي مڪمل صلاحيت رکن ٿا. تقريب جي پڄاڻي تي سينيٽ چيئرمين نئين شاخ جو دورو ڪيو، انتظاميه جي ڪم کي ساراهيو ۽ امتياز گروپ جي وڌيڪ ڪاميابين لاءِ نيڪ تمنائن جو اظهار ڪيو. هن چيو ته اسان سڀني جو مقصد اهو ئي آهي ته وڌ کان وڌ روزگار جا موقعا پيدا ڪيا وڃن ۽ عوام لاءِ وڌ کان وڌ رليف فراهم ڪيو وڃي.











