اسلام آباد-15 مئي (اي پي پي) وزيراعظم جي هدايت تي پاڪستان جي فڪري، نظرياتي ۽ تهذيبي ورثي کي عالمي سطح تي موثر انداز ۾ اجاگر ڪرڻ لاءِ قائم قومي ڪميٽي جو اهم اجلاس رٿابندي، ترقي واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال جي صدارت هيٺ منعقد ٿيو، اجلاس ۾ پاڪستان جي باني قائداعظم محمد علي جناح ۽ شاعر مشرق علامه محمد اقبال جي150 هين سالگرهه جي تقريبن کي عالمي سطح تي …
قائداعظم ۽ علامه اقبال جي 150 هين سالگرهه عالمي سطح تي ملهائڻ جون تياريون تيز، قومي ڪميٽي جو اهم اجلاس

مزید خبریں
اسلام آباد-15 مئي (اي پي پي) وزيراعظم جي هدايت تي پاڪستان جي فڪري، نظرياتي ۽ تهذيبي ورثي کي عالمي سطح تي موثر انداز ۾ اجاگر ڪرڻ لاءِ قائم قومي ڪميٽي جو اهم اجلاس رٿابندي، ترقي واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال جي صدارت هيٺ منعقد ٿيو، اجلاس ۾ پاڪستان جي باني قائداعظم محمد علي جناح ۽ شاعر مشرق علامه محمد اقبال جي150 هين سالگرهه جي تقريبن کي عالمي سطح تي ملهائڻ لاءِ جاري قدمن ۽ اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو. اجلاس کي خطاب ڪندي وفاقي وزير چيو ته تعليم تائين پهچ صرف هڪ سهولت نه پر هڪ قومي ترقي، سماجي مساوات ۽ عورتن جي بااختيار مستقبل جو بنياد آهي. هن نئين نسل کي قائداعظم ۽ علامه اقبال جي ويزن، فڪر، قيادت ۽ پاڪستان جي نظرياتي سڃاڻپ کان موثر انداز ۾ روشناس ڪرائڻ لاءِ جديد ميڊيا فل، ڊاڪيومينٽريز، ڊرامه سيريز ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمز جي ڀرپور استعمال جي هدايت ڪئي. وفاقي وزير زور ڀريو ته سمورا پروڊڪشنز مستند تاريخي تحقيق، تخليقي جدت ۽ عالمي معيار جا پروڊڪشن ويليوز رکندڙ هجن، جڏهن ته نالي وارن ليکڪن، تخليقڪارن ۽ پروڊڪشن هائوسز جي فوري شموليت به يقيني بڻائي وڃي. وفاقي وزير لاڳاپيل ادارن کي هدايت ڪئي ته ايندڙ ڪجههه ڏينهن ۾ قابل عمل، جامع ۽ ٽائيم لائين تي ٻڌل روڊ ميپ پيش ڪن ته جيئن 2026ع جون قومي تقريبون پاڪستان جي نظرياتي، تهذيبي ۽ فڪري سڃاڻپ کي عالمي سطح تي موثر انداز ۾ اجاگر ڪري سگهن.











