سوالن جي وقفي ۽ ڌيان ڇڪايو نوٽيس تي سوال ۽ جواب مختصر ڪيا وڃن. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر جي هدايت

اسلام آباد – 15 مئي (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق ميمبرن ۽ وزيرن کي هدايت ڪئي آهي ته هو سوالن واري وقفي ۽ ڌيان ڇڪايو نوٽيس تي سوال ۽ جواب مختصر رکن ته جيئن وڌ کان وڌ سوالن جا جواب اچي سگهن. قومي اسيمبلي ۾ اسپيڪر ميمبرن جو ڌيان ان پاسي ڇڪائيندي چيو ته ميمبر پنهنجا سوال هڪ يا اڌ منٽ تائين محدود رکن. هن …

اسلام آباد – 15 مئي (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق ميمبرن ۽ وزيرن کي هدايت ڪئي آهي ته هو سوالن واري وقفي ۽ ڌيان ڇڪايو نوٽيس تي سوال ۽ جواب مختصر رکن ته جيئن وڌ کان وڌ سوالن جا جواب اچي سگهن. قومي اسيمبلي ۾ اسپيڪر ميمبرن جو ڌيان ان پاسي ڇڪائيندي چيو ته ميمبر پنهنجا سوال هڪ يا اڌ منٽ تائين محدود رکن. هن وزيرن کي به هدايت ڪئي ته ڊگها جواب ڏيڻ ۽ پوري پاليسي ٻڌائڻ بدران سوال جو ٽو دي پوائنٽ جواب ڏين ته جيئن وڌ کان وڌ سوال وٺي سگهجن.