قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سوالن جي وقفي ۾ جواب نه اچڻ تي ناڻي واري وزارت ۽ ايف بي آر کان جواب طلب ڪري ورتو

اسلام آباد – 15 مئي (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق سوالن جي وقفي ۾ جواب نه اچڻ تي ناڻي واري وزارت ۽ ايف بي آر کان جواب طلب ڪري ورتو. قومي اسيمبلي ۾ سوالن جي وقفي جي شروعات تي سوال جو جواب نه ملڻ تي اسپيڪر ناڻي وزير مملڪتي وزير اظهر ڪياني کان پڇيو ته ٽن سوالن جا جواب ناهن آيا. اسپيڪر اتي موجود ناڻي …

اسلام آباد – 15 مئي (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق سوالن جي وقفي ۾ جواب نه اچڻ تي ناڻي واري وزارت ۽ ايف بي آر کان جواب طلب ڪري ورتو. قومي اسيمبلي ۾ سوالن جي وقفي جي شروعات تي سوال جو جواب نه ملڻ تي اسپيڪر ناڻي وزير مملڪتي وزير اظهر ڪياني کان پڇيو ته ٽن سوالن جا جواب ناهن آيا. اسپيڪر اتي موجود ناڻي واري وزارت جي آفيسرن کي هدايت ڪئي ته هو فوري طور تي وڃي جواب آڻن ۽ ساڍي 12 وڳي تائين لکت ۾ رپورٽ ڏين ته جواب ڇو ناهن ڏنا ويا.