حڪومت بلوچستان ۽ خيبرپختونخوا جي شاگردن لاءِ مخصوص ميڊيڪل سيٽن جي مسئلي جو مستقل حل ڳولڻ تي ڪم ڪري رهي آهي: مصطفيٰ ڪمال

اسلام آباد – 15 مئي (اي پي پي) قومي صحت، ضابطن ۽ رابطن بابت وفاقي وزير مصطفيٰ ڪمال سينيٽ کي ٻڌايو ته ڄڪومت بلوچستان ۽ خيبرپختونخوا جي شاگردن لاءِ مخصوص ميڊيڪل سيٽن جي مسئلي جو مستقل حل ڳولڻ تي ڪم ڪري رهي آهي ته جيئن هر سال پيدا ٿيل ڏکيائين جو خاتمو ڪري سگهجي. سينيٽ ۾ سوالن جي وقفي دوران سوالن جا جواب ڏيندي هن چيو ته ڊگهي مدي وارو …

اسلام آباد – 15 مئي (اي پي پي) قومي صحت، ضابطن ۽ رابطن بابت وفاقي وزير مصطفيٰ ڪمال سينيٽ کي ٻڌايو ته ڄڪومت بلوچستان ۽ خيبرپختونخوا جي شاگردن لاءِ مخصوص ميڊيڪل سيٽن جي مسئلي جو مستقل حل ڳولڻ تي ڪم ڪري رهي آهي ته جيئن هر سال پيدا ٿيل ڏکيائين جو خاتمو ڪري سگهجي. سينيٽ ۾ سوالن جي وقفي دوران سوالن جا جواب ڏيندي هن چيو ته ڊگهي مدي وارو نظام نه هجڻ سبب اهو مسئلو بار بار سامهون ايندو رهيو آهي. هن ٻڌايو ته 18-2017ع ۽ 19-2018ع ۾ 194 سيٽون مخصوص ڪيون ووين هيون، جڏهن ته 2019ع کان 2013ع تائين ڪا سيٽ فراهم ناهي ڪئي وئي. وفاقي وزير چيو ته بعد ۾ 24-2023ع ۾ 333 سيٽون مخصوص ڪيون ويون ۽ موجوده حڪومت 25-2024ع ۾ به اهو انگ برقرار رکيو. هن ٻڌايو ته اهو معاملو سپريم ڪورٽ تائين به پهتو، جنهن هڪ سال لاءِ 194 سيٽون فراهم ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو. مصطفيٰ ڪمال چيو ته بعد ۾ حڪومت مستقل بنيادن تي حل لاءِ بلوچستان ۽ خيبرپختنخوا ۾ 333 سيٽون مخصوص ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ته جيئن ٻنهي صوبن جي شاگردن کي هر سال ان صورتحال کي منهن نه ڏيڻو پوي. هن چيو ته صحت واري وزارت ۽ پاڪستان ڊينٽل ڪائونسل ڪيترائي ڀيرا صوبن جي حڪومتن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين کي خط لکيا ته جيئن ضروري اجازت ناما حاصل ڪري سيٽن کي مستقل بنيادن تي باقاعده بڻائي سگهجي، پر افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته گذريل هڪ سال دوران صوبائي اختيارين ان معاملي ۾ دلچسپي ناهي ڏيکاري. وفاقي وزير واضح ڪيو ته وفاقي حڪومت ٻنهي صوبن سان مڪمل سهڪار لاءِ تيار آهي ۽ معائنن جي عمل کي تيز ڪرڻ سميت سموريون ضروري گهرجون پوريون ڪيون وينديون ته سيٽن جي باضابطه منظوري ممڪن ٿي سگهي ۽ شاگردن کي ڏکيائين کي منهن نه ڏيڻو پوي. هن وڌيڪ چيو ته حڪومت شاگردن جي جي وسيع تر مفاد ۽ کين تعليمي نقصان کان بچائڻ لاءِ وقتي قدم به کنيا، جن کي پارليامينٽ ميمبرن ۽ متاثر خاندانن ساراهيو.