اسلام آباد-15 مئي (اي پي پي) مواصلات واري وفاقي وزير عبدالعليم خان سينيٽ کي آگاهه ڪيو ته وڏي عرصي کان التوا ۾ پيل سکر – حيدرآباد موٽر وي منصوبي تي هلندڙ سال ڪم شروع ٿي ويندو، جڏهن ته منصوبي جي پنجن مان ٽن سيڪشنز جي منظوري ڏني وئي آهي ۽ ٽينڊرنگ جوعمل پڻ جاري آهي. سينيٽ جي اجلاس ۾ سوالن جي وقفي دوران سينيٽر سيد مسرور احسن جي سوال جو …
سکر- حيدرآباد موٽر وي منصوبي تي هلندڙ سال ڪم شروع ٿي ويندو: عبدالعليم خان

مزید خبریں
اسلام آباد-15 مئي (اي پي پي) مواصلات واري وفاقي وزير عبدالعليم خان سينيٽ کي آگاهه ڪيو ته وڏي عرصي کان التوا ۾ پيل سکر – حيدرآباد موٽر وي منصوبي تي هلندڙ سال ڪم شروع ٿي ويندو، جڏهن ته منصوبي جي پنجن مان ٽن سيڪشنز جي منظوري ڏني وئي آهي ۽ ٽينڊرنگ جوعمل پڻ جاري آهي. سينيٽ جي اجلاس ۾ سوالن جي وقفي دوران سينيٽر سيد مسرور احسن جي سوال جو جواب ڏيندي وفاقي وزير ٻڌايو ته سکر کان حيدرآباد تائين موٽر وي منصوبي کي پنجن حصن ۾ ورهايو ويو آهي، هن چيو ته ٽن سيڪشنز جي منظوري مڪمل ٿي چڪي آهي جڏهن ته ٽينڊرز جاري ڪيا پيا وڃن، اميد آهي ته آگسٽ يا سيپٽمبر تائين عملي تعميراتي ڪم شروع ٿي ويندو. عبدالعليم خان چيو ته حڪومت مالي مشڪلاتن ۽ پبلڪ سيڪٽر ڊولپمينٽ پروگرام ۾ فنڊن جي کوٽ باوجود روڊن جي بنيادي ڍانچي جي بهتري تي ڌيان ڏئي رهي آهي. هن ٻڌايو ته سڄي ملڪ ۾ هن وقت 109 ٽول پلازه فعال آهن ۽ هدايت جاري ڪئي وئي ته خراب روڊن تي بحالي جو ڪم مڪمل ٿيڻ تائين ٽول پلازه فعال نه رکيا وڃن. وفاقي وزير چيو ته ٽول ٽيڪس مان حاصل ٿيندڙ آمدني موجوده روڊن جي سارسنڀال ۽ نئين شاهراهن جي تعمير لاءِ اڻٽر آهي. هن ٻڌايو ته نيشنل هاءِ وي اٿارٽي ٽول وصولين ذريعي نمايان روينيو حاصل ڪري رهي آهي جيڪو انفرا اسٽرڪچر منصوبن تي خرچ ڪيو پيو وڃي. هن اعتراف ڪيو ته ملڪ جي ڪيترن ئي روڊن جي حالت تسلي بخش ناهي ۽ فنڊن جي کوٽ روڊن جي مرمت ۽ واڌاري ۾ وڏي رڪاوٽ آهي. ڳرين ٽرانسپورٽ گاڏين جي اوورلوڊنگ شاهراهن کي شديد نقصان پهچائي رهي آهي جنهن سبب ڊگهي مدي لاءِ تعمير ڪيل روڊ ڪجهه سالن ۾ ئي خراب صورتحال جو شڪار ٿي وڃن ٿا. هن ايوان کي خاطري ڪرائي ته حڪومت روڊن جي معيار ۽ انفرا اسٽرڪچر کي بهتر بڻائڻ لاءِ قدم کڻي رهي آهي، سينيٽرز طرفان سکر حيدرآباد موٽر وي بابت ماضي جي خاطرين تي تبصرو ڪندي وفاقي وزير چيو ته ڪيترن ئي ڏهاڪن جي دير کانپوءِ هي منصوبو هاڻي عملي مرحلي ۾ داخل ٿي چڪو آهي ۽ هلندڙ سال ان جو باضابطه ڪم شروع ڪيو ويندو.











