درياهن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جا انگ اکر جاري

اسلام آباد-15 مئي (اي پي پي)واپڊا ملڪي درياهن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جا انگ اکر جاري ڪيا آهن. گذريل ڏينهن جاري ڪيل انگن اکرن مطابق سنڌو درياهه ۾ تربيلا وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 59هزار 600 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 70 هزار ڪيوسڪ، ڪابل درياهه ۾ نوشهره وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 38 هزار 400ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 38 هزار 400هزار ڪيوسڪ، خيرآباد پل تي پاڻي جو مٿانهون …

اسلام آباد-15 مئي (اي پي پي)واپڊا ملڪي درياهن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جا انگ اکر جاري ڪيا آهن. گذريل ڏينهن جاري ڪيل انگن اکرن مطابق سنڌو درياهه ۾ تربيلا وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 59هزار 600 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 70 هزار ڪيوسڪ، ڪابل درياهه ۾ نوشهره وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 38 هزار 400ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 38 هزار 400هزار ڪيوسڪ، خيرآباد پل تي پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 1 لک 18هزار  ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو  1 لک 18 هزار 900ڪيوسڪ، جهلم درياهه ۾ منگلا وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 40 هزار ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 26 هزار ڪيوسڪ، چناب درياهه ۾ مرالا وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 24 هزار 800 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 10  هزار 600 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو. آبي ذخيرن جي صورتحال مطابق تربيلا ڊيم جو گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 1402 فوٽ، ڊيم ۾ پاڻي جي موجوده سطح 1452.49 فوٽ ۽ ڊيم ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتهائي سطح 1550 فوٽ، استعمال جوڳي پاڻي جو ذخيرو1.092 ملين ايڪڙ فوٽ، منگلا ڊيم جو گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 1050 فوٽ، ڊيم ۾ پاڻي جي موجوده سطح 1163.60 فوٽ، ڊيم ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتهائي سطح 1242 فوٽ ۽ استعمال جوڳي پاڻي جو ذخيرو 2.278 ملين ايڪڙ فوٽ ۽ چشمه بئراج جو گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 638.15 فوٽ، پاڻي جي موجوده سطح 645.70 فوٽ بئراج ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتهائي سطح 649 فوٽ ۽ استعمال جوڳي پاڻي جو ذخيرو 0.164 ملين ايڪڙ فوٽ رڪارڊ ڪيو ويو آهي.