چين پاران چوڇيوئي 2 ڪيريئر راڪيٽ جي ”اپ گريڊ ورزن“ جي ڪامياب لانچنگ

بيجنگ – 15 مئي (اي پي پي) چين چوڇيوئي 2 جي اپ گريڊ ورزن وائي 5 ڪيريئر راڪيٽ، ڊونگ فينگ ڪمرشل ايرواسپيس انوويشن زون مان ڪاميابي سان خلا ۾ موڪلي ڇڏيو. پرڏيهي ميڊيا مطابق راڪيٽ جي سموري اڏام معمول مطابق رهي ۽ ان جو ٻيون حصو ڪاميابي سان مدار ۾ داخل ٿيو، جنهن سان فلائيٽ ٽيسٽ مشن مڪمل طور ڪامياب رهيو. اها مشن چوڇيوئي 2 ڪيريئر راڪيٽ جي ٻئين اڏام …

بيجنگ – 15 مئي (اي پي پي) چين چوڇيوئي 2 جي اپ گريڊ ورزن وائي 5 ڪيريئر راڪيٽ، ڊونگ فينگ ڪمرشل ايرواسپيس انوويشن زون مان ڪاميابي سان خلا ۾ موڪلي ڇڏيو. پرڏيهي ميڊيا مطابق راڪيٽ جي سموري اڏام معمول مطابق رهي ۽ ان جو ٻيون حصو ڪاميابي سان مدار ۾ داخل ٿيو، جنهن سان فلائيٽ ٽيسٽ مشن مڪمل طور ڪامياب رهيو. اها مشن چوڇيوئي 2 ڪيريئر راڪيٽ جي ٻئين اڏام هئي. ان ڪامياب لانچنگ مان ثابت ٿيو ته چوڇيوئي 2 هاڻي ڳرو پي لوڊ کڻي وڃڻ جي صلاحيت حاصل ڪري چڪو آهي ۽ هڪ ئي راڪيٽ ذريعي ڪيترائي سيٽلائٽس موڪلڻ جي قابل ٿي ويو آهي.