چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس يحيٰ آفريدي سان جمهوريه آذربائيجان جي انصاف واري وزير جي اڳواڻيءَ ۾ اعليٰ سطحي وفد جي ملاقات

اسلام آباد-14 مئي (اي پي پي) سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ۾ چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس يحيٰ آفريديءَ سان جمهوريه آذربائيجان جي انصاف واري وزير فريد احمدوف جي اڳواڻيءَ ۾ اعليٰ سطحي وفد ملاقات ڪئي. وفد ۾ جمهوريه آذربائيجان جي انصاف واري وزارت جو ڊائريڪٽر جنرل عالمي تعاون عادل ابيلوف ۽ اسلام آباد ۾ آذربائيجان جي سفارتخاني جو فرسٽ سيڪريٽري سمير احمد علي شامل هئا. قانون ۽ انصاف وارو وفاقي …

اسلام آباد-14 مئي (اي پي پي) سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ۾ چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس يحيٰ آفريديءَ سان جمهوريه آذربائيجان جي انصاف واري وزير فريد احمدوف جي اڳواڻيءَ ۾ اعليٰ سطحي وفد ملاقات ڪئي. وفد ۾ جمهوريه آذربائيجان جي انصاف واري وزارت جو ڊائريڪٽر جنرل عالمي تعاون عادل ابيلوف ۽ اسلام آباد ۾ آذربائيجان جي سفارتخاني جو فرسٽ سيڪريٽري سمير احمد علي شامل هئا. قانون ۽ انصاف وارو وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ به ملاقات دوران وفد سان موجود هو. ملاقات ۾ عدالتي تعاون، قانون جي حڪمراني، اداره جاتي سڌارن ۽ انصاف جي فراهمي جي نظام کي بهتر بنائڻ سميت گڏيل دلچسپي جي مختلف معاملن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ٻنهي ڌُرين عدالتي تربيت، عدالتن جي ڊجيٽلائزيشن، متبادل تڪرارن جي حل  (اي ڊي آر) جو نظام ۽ عدالتي انتظاميه ۾ بهترين عالمي طريقيڪار جي مٽاسٽا تي به اتفاق ڪيو. چيف جسٽس آف پاڪستان ملڪ ۾ جاري عدالتي سڌارن بابت وفد کي آگاهه ڪيو ۽ ٽيڪنالاجي جي مؤثر استعمال، عدالتي سگهه ۾ واڌ ۽ انصاف جي وقت سر فراهميءَ لاءِ کنيل قدمن تي روشني وڌي. وفد جي سربراهه فريد احمدوف قانون جي حڪمراني کي هٿي وٺرائڻ ۾ پاڪستان جي عدليه جي ڪردار کي ساراهيندي عدالتي تعاون، قانوني تحقيق ۽ اداره جاتي ترقيءَ جي شعبن ۾ ٻه طرفي رابطي کي هٿي ڏيڻ ۾ گهري دلچسپيءَ جو اظهار ڪيو. هن پاڪستان ۽ آذربائيجان وچ ۾ لاڳاپن ۽ علائقائي تعاون کي هٿي وٺرائڻ لاءِ پاڪستان جي مسلسل حمايت کي به خراجِ تحسين پيش ڪيو. ملاقات جي پڄاڻيءَ تي يادگاري تحفن جي ڏي وٺ ٿي. ٻنهي ملڪن قانون ۽ انصاف جي شعبي ۾ اداره جاتي رابطا، پروگرامن جي مٽاسٽا ۽ حصيداريءَ کي مستحڪم بڻائڻ جي عزم کي ورجايو.