ڊي جي آءِ ايس پي آر ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌريءَ جي شفا تعمير ملت يونيورسٽي جي شاگردن ۽ استادن سان خصوصي ويهڪ

اسلام آباد-14 مئي (اي پي پي) پاڪ فوج جي شعبي آءِ ايس پي آر جي ڊائريڪٽر جنرل ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري شفا تعمير ملت يونيورسٽي اسلام آباد جي شاگردن ۽ استادن سان خصوصي ويهڪ ۾ شرڪت ڪئي. شفا تعمير ملت يونيورسٽي آمد تي استادن، فيڪلٽي ميمبرن ۽ شاگردن سندس شاندار آڌرڀاءُ ڪيو. ڊي جي آءِ ايس پي آر قومي سلامتي جي معاملن سميت دهشتگرديءَ جي خاتمي، انفارميشن وار فيئر …

اسلام آباد-14 مئي (اي پي پي) پاڪ فوج جي شعبي آءِ ايس پي آر جي ڊائريڪٽر جنرل ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري شفا تعمير ملت يونيورسٽي اسلام آباد جي شاگردن ۽ استادن سان خصوصي ويهڪ ۾ شرڪت ڪئي. شفا تعمير ملت يونيورسٽي آمد تي استادن، فيڪلٽي ميمبرن ۽ شاگردن سندس شاندار آڌرڀاءُ ڪيو. ڊي جي آءِ ايس پي آر قومي سلامتي جي معاملن سميت دهشتگرديءَ جي خاتمي، انفارميشن وار فيئر تي تفصليي ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ خصوصي سيشن دوران شاگردن جي سوالن جا دليلن سان جواب ڏنا. وائيس چانسلر شفا تعمير ملت يونيورسٽي ڊاڪٽر محمد اقبال خان چيو ته نوجوان نسل کي پاڪستان جي استحڪام ۽ سلامتيءَ لاءِ مثبت ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. خصوصي ويهڪ کانپوءِ شرڪت ڪندڙن جو چوڻ هو ته خصوصي سيشن ۾ ڪيترائي ابهام ختم ٿيا ۽ ذميداراڻي سوشل ميڊيا جي استعمال متعلق جامع آگاهي حاصل ٿي. حق جي ويڙهه جي تاريخي فتح پاڪستان جي وقار ۽ عالمي سُڃاڻپ کي وڌيڪ مستحڪم ۽ بلند ڪيو. وطن جي دفاع لاءِ پاڪ فوج جي لازوال قربانين کي خراجِ عقيدت پيش ڪريون ٿا. نوجوانن کي جعلي خبرن، ناڪاري پروپيگنڊا ۽ هائبرڊ وار فيئر جي خطرن کان آگاهي وقت جي اهم ضرورت آهي. سوشل ميڊيا تي ڪنهن به خبر يا معلومات کي اڳتي وڌائڻ کان اڳ ان جي حقيقت ۽ تصديق ڪرڻ ضروري آهي. استاد ۽ شاگردن قومي سلامتيءَ کي درپيش خطرن کي نظر ۾ رکندي هٿياربند فوج سان يڪجهتي ۽ پُختي عزم کي ورجايو. مختلف شهرن خاص ڪري وزيرستان جي شاگردن خصوصي ويهڪ کي مثبت ۽ مؤثر اڳڀرائي قرار ڏيندي ڀرپور ساراهيو.