سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني جي صدارت هيٺ پارلياماني خدمتن واري اداري جي بورڊ آف گورنرز جو اجلاس

اسلام آباد-14 مئي (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني پاڪستان انسٽيٽيوٽ فار پارلياماني سروسز جي بورڊ آف گورنرز جي صدر جي حيثيت سان اداري سان بورڊ آف گورنرز جي اجلاس جي صدارت ڪئي. اجلاس ۾ قومي اسيمبليءَ جو ڊپٽي اسپيڪر سيد غلام مصطفيٰ شاهه، بلوچستان اسيمبليءَ جو اسپيڪر عبدالخالق خان، پنجاب اسيمبليءَ جو اسپيڪر ملڪ محمد احمد خان، سنڌ اسيمبليءَ جو اسپيڪر سيد اويس قادر شاهه زوم …

اسلام آباد-14 مئي (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني پاڪستان انسٽيٽيوٽ فار پارلياماني سروسز جي بورڊ آف گورنرز جي صدر جي حيثيت سان اداري سان بورڊ آف گورنرز جي اجلاس جي صدارت ڪئي. اجلاس ۾ قومي اسيمبليءَ جو ڊپٽي اسپيڪر سيد غلام مصطفيٰ شاهه، بلوچستان اسيمبليءَ جو اسپيڪر عبدالخالق خان، پنجاب اسيمبليءَ جو اسپيڪر ملڪ محمد احمد خان، سنڌ اسيمبليءَ جو اسپيڪر سيد اويس قادر شاهه زوم ذريعي، قومي اسيمبلي سينيٽ جي ميمبرن، آزاد ڄمون ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جي قانونساز اسيمبلين جي اسپيڪرز، سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ جي سينيئر قيادت ۽ ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر پي آءِ پي ايس شرڪت ڪئي. سينيٽ چيئرمين سمورن شرڪت ڪندڙن کي ڀليڪار چيو ۽ پي آءِ پي ايس کي ملڪ جو ناليواري پارلياماني اداري طور مستحڪم بورڊ بڻائڻ ۾ بورڊ جي اڳوڻن ۽ موجوده ميمبرن جي شاندار خدمتن کي ساراهيو. هن نَون چونڊيل بورڊ جي ميمبرن ۽ قومي اسيمبليءَ جي ميمبر شير علي ارباب جي شموليت جي آجيان ڪندي ان جي مثبت ۽ تعميري خدمتن جي حوالي سان نيڪ اميدن جو اظهار ڪيو. سينيٽ چيئرمين چيو ته پي آءِ پي ايس عالمي سطح تي هڪ اهم سنگ ميل عبور ڪيو آهي ۽ 24 مارچ 2026ع کي اڪرا، گهانا ۾ بين الپارلياماني يونين جي انتظام هيٺ رٿيل افتتاحي ڪانفرنس ۾ 5 ٻين ملڪن سان گلوبل نيٽ ورڪ آف پارلياماني ٽريننگ انسٽيٽيوٽس جي اسٽيئرنگ ڪميٽي جي باني ميمبر جي حيثيت حاصل ڪئي. هن وڌيڪ ٻُڌايو ته آءِ پي يو، پي آءِ پي ايس کي 3 کان 5 فيبروري 2027ع تي منعقد ٿيندڙ پارلياماني تربيتي ادارن جي ٻي عالمي ڪانفرنس جي ميزباني پڻ سونپي وئي آهي جيڪو پاڪستان لاءِ اعزاز ۽ اداري جي عالمي سطح تي وڌندڙ ساک جو واضح اعتراف آهي. سينيٽ چيئرمين چيو ته جولاءِ 2025ع کان هن وقت تائين پي آءِ پي ايس مختلف اورينٽيشن پروگرامز، ورڪشاپس، سيمينارز ۽ انڊٽيبل مباحثا ڪوٺايا ويا جن مان 540 کان وڌيڪ پارليامينٽيرينز ۽ 798 آفيسرن فائدو حاصل ڪيو جڏهن ته 525 کان وڌيڪ پارليامينٽ جي ميمبرن کي فني معاونت ۽ پارلياماني خدمتون به فراهم ڪيون ويون. هن ٻُڌايو ته ان عرصي دوران اداري 50 کان وڌيڪ پيشور پروگرامز منعقد ڪيا، 224 تحقيقي مقالا تيار ڪيا، 3 ڪتاب شايع ڪيا ۽ پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽيءَ کي آڊٽ تجزيي ۽ جاچ پڙتال بابت 28 کان وڌيڪ اجلاسن ۾ فني معاونت فراهم ڪئي. هن وڌيڪ چيو ته پي آءِ پي ايس سول سوسائٽي، تعليمي ادارن، شاگردن ۽ عوامي حلقن سان به فعال رابطا رکيا ۽ پارلياماني مطالعاتي سرگرمين ۾ 918 کان وڌيڪ ماڻهن جي شموليت ذريعي جمهوري شعور ۽ پارلياماني آگاهيءَ کي هٿي ڏني. سينيٽ چيئرمين صوبائي اسيمبلين لاءِ خصوصي تربيتي پروگرامز به ڪوٺائڻ کي ساراهيو، جن ۾ سنڌ اسيمبليءَ جي آفيسرن لاءِ تاريخي سي پي اي ڪانفرنس کان اڳ بين الاقوامي ڪانفرنسون ڪوٺائڻ ۽ پارلياماني پروٽوڪول بابت تربيت شامل آهي. هن بلوچستان ۽ سنڌ اسيمبلين جي لائبريريز اسٽاف لاءِ عملي تربيت جڏهن ته سينيٽ، قومي اسيمبلي ۽ ڪي پي ڪي اسيمبليءَ جي آفيسرن لاءِ قومي پارلياماني ترقياتي فريم ورڪ تحت پيشه ور تربيتي ڪورسز کي به خراجِ تحسين قرار ڏنو. سينيٽ چيئرمين ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر پي آءِ پي ايس عاصم خان گورائيه جي ڪوششن کي ساراهيندي چيو ته ان جي بدلي سمورن صوبائي اسيمبلي ميمبرن، آزاد ڄمون ڪشمير، گلگت بلتستان جي قانون ساز اسيمبلين ۽ خود پي آءِ پي ايس کي اسٽيبلشمينٽ ڊويزن تحت سينيئر مئنجمينٽ ڪورس ۽ نيشنل مئنجمينٽ ڪورس ۾ شامل ڪيو ويو جنهن سان گريڊ 19 ۽ 20 جي آفيسرن کي اعليٰ سطحي پيشيوراڻي تربيت جا موقعا ميسر ايندا. سينيٽ چيئرمين ان اعتماد جو اظهار ڪيو ته بورڊ جي شامل تجربيڪار قانونسازن جي رهنمائيءَ ۾ پي آءِ پي ايس پنهنجون آئيني ۽ اداره جاتي ذميداريون مؤثر انداز ۾ ادا ڪندو رهندو ۽ قانونسازي، تحقيق، تربيت ۽ اداره جاتي ترقي جي شعبن ۾ جديد قدمن ذريعي پارلياماني جمهوريت کي وڌيڪ مضبوط بڻائيندو. ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر پي آءِ پي ايس عاصم خان گورائيه طرفان پيش ڪيل مختلف ايجنڊا نُڪتن تي تفصيلي غور ڪيو ويو. بورڊ ايندڙ مالي سال جي تجويز ڪيل بجيٽ ڪاٿن جي منظوري ڏني جڏهن ته سالياني رپورٽ 25-2024ع کي به متفقه طور منظور ڪري ورتو.