چين ۽ آمريڪا وچ ۾ لاڳاپا پهرين کان بهتر ٿي وڃي رهيا آهن، مستقبل جا اقتصادي لاڳاپا گڏيل فائدي تي ٻَڌل هوندا: ڊونلڊ ٽرمپ

بيجنگ-14 مئي (اي پي پي) آمريڪا جي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چين ۾ پنهنجي آجياڻي کي هڪ اعزاز قرار ڏيندي چيو ته اهڙو مون اڳ ڪڏهن به نه ڏٺو، چين ۽ آمريڪا وچ ۾ لاڳاپا پهرين کان بهتر ٿيڻ وڃي رهيا آهن. ڪالهه هتي پيپلز گريٽ هال ۾ چيني صدر شي جن پنگ سان اعليٰ سطحي ملاقات دوران هڪ ڀرپور ۽ همٿائيندڙ افتتاحي بيان ڏنو جنهن ۾ آمريڪا ۽ چين وچ …

بيجنگ-14 مئي (اي پي پي) آمريڪا جي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چين ۾ پنهنجي آجياڻي کي هڪ اعزاز قرار ڏيندي چيو ته اهڙو مون اڳ ڪڏهن به نه ڏٺو، چين ۽ آمريڪا وچ ۾ لاڳاپا پهرين کان بهتر ٿيڻ وڃي رهيا آهن. ڪالهه هتي پيپلز گريٽ هال ۾ چيني صدر شي جن پنگ سان اعليٰ سطحي ملاقات دوران هڪ ڀرپور ۽ همٿائيندڙ افتتاحي بيان ڏنو جنهن ۾ آمريڪا ۽ چين وچ ۾ دوستي، گڏيل احترام ۽ مستقبل ۾ تعاون تي زور ڀريو ويو. صدر ٽرمپ آمريڪي وفد جي آجيان ڪندڙ ٻارن لاءِ خاص طور تي تعريف جو اظهار ڪندي چيو ته ٻار خوش ۽ خوبصورت هئا، اهي چين جي روح ۽ـ مستقبل جي نمائندگي ڪندي نظر آيا. صدر شي سان پنهنجن لاڳاپن تي ٽرمپ چيو ته ٻنهي ملڪن جي اڳواڻن وچ ۾ سڀ کان ڊگهي ۽ مضبوط لاڳاپن کي برقرار رکيو آهي. هن چيو ته ڪڏهن ڪڏهن چئلينجز باوجود ٻئي ڌُريون مستقل طور سڌيءَ ريت ڳالهه ٻولهه ذريعي مسئلن کي حل ڪرڻ ۾ ڪامياب رهيا آهن. صدر ٽرمپ چيو ته اسان جي وچ ۾ سٺو تعلق رهيو آهي جڏهن به اسان کي ڪو مسئلو پيش آيو اسان ان کي تمام جلد حل ڪري ورتو. آمريڪي صدر، شي جن پنگ جي قيادت جي ساراهه ڪندي کيس هڪ عظيم اڳواڻ قرار ڏنو ۽ چيو ته هن ڪجهه ڌُرين جي تنقيد باوجود کُلي ان خيال جو اظهار ڪيو آهي. هن وفد ۾ مُک آمريڪي ڪاروباري ايگزيڪيوٽوز جي موجودگيءَ تي چيو ته هي ”دنيا جا سڀ کان وڏا ۽ بهترين“ ماڻهو آهن. ٽرمپ چيو ته هو چين سان واپاري ۽ ڪاروباري تعاون کي وڌائڻ جو خواهشمند آهي. هن چيو ته مستقبل جا اقتصادي لاڳاپا گڏيل فائدي تي ٻَڌل هوندا. ٽرمپ ان سربراهي ملاقات کي تاريخي قرار ڏيندي چيو ته ڪجهه مبصر ان کي امڪاني طور تي ”شايد هن وقت تائين جي سڀ کان وڏي سربراهي ڪانفرنس“ قرار ڏنو آهي. هن وڌيڪ چيو ته ان ملاقات تمام گهڻي توجهه حاصل ڪئي آهي. پنهنجي تبصري جي پڄاڻيءَ تي صدر ٽرمپ ٻه طرفن لاڳاپن جي باري ۾ پنهنجي اميد کي ورجائيندي چيو ته چين ۽ آمريڪا وچ ۾ لاڳاپا پهرين کان بهتر ٿيڻ وڃي رهيا آهن.