وزيراعظم شهباز شريف گندگاهه مان توانائي جي پيداوار جي حوالي سان ٽاسڪ فورس جوڙڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد - 14 مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف گندگاهه مان توانائي جي پيداوار (ويسٽ ٽو انرجي) جي حوالي سان ٽاسڪ فورس جوڙڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي، ٽاسڪ فورس ويسٽ ٽو انرجي جي موجوده فريم ورڪ جو جائزو وٺندي ان حوالي سان نئين قومي پاليسي ٺاهڻ تي ڪم ڪندي ۽ ملڪ ۾ ويسٽ ٽو انرجي منصوبن جي فروغ جي لاءِ خانگي شعبي جي حوصلا افزائي، واضح حڪمت …

اسلام آباد – 14 مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف گندگاهه مان توانائي جي پيداوار (ويسٽ ٽو انرجي) جي حوالي سان ٽاسڪ فورس جوڙڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي، ٽاسڪ فورس ويسٽ ٽو انرجي جي موجوده فريم ورڪ جو جائزو وٺندي ان حوالي سان نئين قومي پاليسي ٺاهڻ تي ڪم ڪندي ۽ ملڪ ۾ ويسٽ ٽو انرجي منصوبن جي فروغ جي لاءِ خانگي شعبي جي حوصلا افزائي، واضح حڪمت عملي، اداراجاتي نظام ۽ روڊ ميپ سان گڏ قومي ويسٽ ٽو انرجي پاليسي جوڙيندي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب پاور ڊويزن وارو وفاقي وزير سردار اويس لغاري ان ٽاسڪ فورس جو ڪنوينر هوندو، موسمياتي تبديلي وارو وفاقي وزير مصدق ملڪ، ناڻي ۽ ريلوي وارو مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني، موسمياتي تبديلي وارو وفاقي سيڪريٽري، بين الصوبائي رابطن وارو وفاقي سيڪريٽري، چئني صوبن، گلگت بلتستان ۽ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي لوڪل گورنمينٽ، موسمياتي تبديلي ۽ توانائي وارا سيڪريٽريز پڻ ٽاسڪ فورس جو حصو هوندا. ٽاسڪ فورس ۾ خانگي شعبي سان لاڳاپيل ماڻهن کي بطور ميمبر شامل ڪيو ويو آهي. اها ٽاسڪ فورس ملڪ ۾ گندگاهه مان توانائي پيدا ڪرڻ جي موجوده فريم ورڪ جو جائزو وٺندي ۽ ان حوالي سان عالمي بهترين طريقن جو جائزو وٺندي ۽ ان حوالي سان قانوني، ريگيوليٽري، مالي ۽ آپريشنل رڪاوٽن جي نشاندهي ڪندي. ويسٽ ٽو انرجي جي حوالي سان قانونسازي ۽ ريگيوليٽري سڌارن سميت قدم تجويز ڪرڻ پڻ ٽاسڪ فورس جي ٽي او آرز ۾ شامل آهي. ٽاسڪ فورس ان شعبي ۾ سيڙپڪاري، رابطاڪاري ۽ گندگاهه مان توانائي جي لاڳو ۾ سهولت فراهم ڪرڻ جي حوالي سان قدم پڻ تجويز ڪندي.