پاڪ فوج جي آرمي راڪيٽ فورس ڪمانڊ جو مقامي طور تي تيار ڪيل فتح-4 گرائونڊ لانچڊ ڪروز ميزائل جو ڪامياب تربيتي تجربو

راولپنڊي-14 مئي (اي پي پي) پاڪ فوج جي آرمي راڪيٽ فورس ڪمانڊ مقامي طور تي تيار ڪيل فتح-4 گرائونڊ لانچڊ ڪروز ميزائل جو ڪامياب تربيتي تجربو ڪيو. آءِ ايس پي آر پاران جاري بيان موجب جديد ايويانڪس ۽ جديد ترين نيويگيشنل نظام سان تيار هي ميزائل سسٽم ڊگهي مفاصلي تائين هدف کي انتهائي درستگيءَ سان نشانو بڻائڻ جي صلاحيت رکي ٿو. آءِ ايس پي آر ٻُڌايو ته ان تربيتي تجربي …

راولپنڊي-14 مئي (اي پي پي) پاڪ فوج جي آرمي راڪيٽ فورس ڪمانڊ مقامي طور تي تيار ڪيل فتح-4 گرائونڊ لانچڊ ڪروز ميزائل جو ڪامياب تربيتي تجربو ڪيو. آءِ ايس پي آر پاران جاري بيان موجب جديد ايويانڪس ۽ جديد ترين نيويگيشنل نظام سان تيار هي ميزائل سسٽم ڊگهي مفاصلي تائين هدف کي انتهائي درستگيءَ سان نشانو بڻائڻ جي صلاحيت رکي ٿو. آءِ ايس پي آر ٻُڌايو ته ان تربيتي تجربي جو مقصد فوجي جٿن جي آپريشنل سگهه ۾ واڌ، بهتر درستگي ۽ بقا جي صلاحيت لاءِ شامل مختلف ذيلي نظامن جي فني پاسن جي جاچ ڪرڻ هو. پاڪ فوج جي آرمي راڪيٽ فورس ڪمانڊ مقامي طور تيار ڪيل فتح-4 گرائونڊ لانچڊ ڪروز ميزائل جو ڪامياب تربيتي تجربو ڪيو آهي. جديد ايويانڪس ۽ جديد ترين نيويگيشنل نظام سان ليس هي ميزائل سسٽم ڊگهي مفاصلي تائين هدف کي انتهائي درستگيءَ سان نشانو بڻائڻ جي صلاحيت رکي ٿو. ان تربيتي تجربي جو مقصد فوجي جٿن جي آپريشنل سگهه ۾ واڌ ۽ بهتر درستگي بقا جي صلاحيت لاءِ شامل مختلف ذيلي نظامن جي فني پاسن جي جاچ ڪرڻ هو. ان تجربي جو مشاهدو پاڪ فوج جي آرمي راڪيٽ فورس ڪمانڊ جي سينيئر آفيسرن کان علاوه ميزائل تيار ڪندڙ اداري جي سائنسدانن ۽ـ انجنيئرن به ڪيو. آءِ ايس پي آر موجب صدرِ مملڪت، وزيراعظم، چيف آف دي آرمي اسٽاف چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير، پاڪ بحريه جي سربراهه ۽ پاڪ فضائيه فتح-4 جي ڪامياب تجربي تي اطمينان جو اظهار ڪيو آهي. هنن فتح سيريز جي ميزائل پروگرام ۾ حصو وٺندڙ سمورن ماڻهن جي فني مهارت، محنت ۽ عزم کي به ساراهيو.