اسلام آباد-14 مئي (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزارت چيو آهي ته ميڊيا جي ڪجهه حصن ۾ سول حڪومت جي خرچن بابت شايع ٿيل رپورٽس ۾ مجموعي انگ اکرن کي ضروري تناظر کانسواءِ پيش ڪيو ويو آهي جنهن سان وفاقي خرچن جي نوعيت ۽ ڳاڻيٽي جي باري ۾ گمراهه ڪندڙ تاثر پيدا ٿيو آهي. خرچن جي انگ اکرن کي اهم جُزي ۽ عوامي فلاح بهبود کي نمايان ڪرڻ کانسواءِ …
ميڊيا جي ڪجهه حصن ۾ سول حڪومت جي خرچن بابت شايع ٿيل رپورٽس ۾ مجموعي انگ اکرن جي شمار کي ضروري روشني کانسواءِ پيش ڪيو ويو: ناڻي واري وزارت جي وضاحت

مزید خبریں
اسلام آباد-14 مئي (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزارت چيو آهي ته ميڊيا جي ڪجهه حصن ۾ سول حڪومت جي خرچن بابت شايع ٿيل رپورٽس ۾ مجموعي انگ اکرن کي ضروري تناظر کانسواءِ پيش ڪيو ويو آهي جنهن سان وفاقي خرچن جي نوعيت ۽ ڳاڻيٽي جي باري ۾ گمراهه ڪندڙ تاثر پيدا ٿيو آهي. خرچن جي انگ اکرن کي اهم جُزي ۽ عوامي فلاح بهبود کي نمايان ڪرڻ کانسواءِ پيش ڪرڻ حڪومت جي خرچن جي رجحان جي مڪمل ۽ درست تصوير فراهم نٿو ڪري. جاري ڪيل بيان ۾ ناڻي واري وزارت چيو آهي ته ميڊيا جي ڪجهه حصن ۾ سول حڪومت جي خرچن بابت شايع ٿيل رپورٽس ۾ مجموعي انگ اکر جي شمار کي ضروري تناظر کانسواءِ پيش ڪيو ويو جنهن سان وفاقي خرچن جي نوعيت ۽ ڳاڻيٽي بابت گمراهه ڪُن تاثر پيدا ٿيو. بيان موجب رپورٽس ۾ ظاهر ڪيل اضافي جو وڏو حصو جاري مالي سال جي بجيٽ ۾ اعلان ڪيل ملازمن جي پگهارن ۽ رعايتن ۾ ايڊجسٽمينٽ ۽ صحت جي اهم منصوبن خاص ڪري حفاظتي ٽُڪن واري توسيعي پروگرام لاءِ مخصوص رقم بابت آهي، ان سببن کي درستگيءَ جي روشنيءَ ۾ ڏٺو وڃي ته غير ملازمتي آپريشنل خرچن ۾ حقيقي اضافو نهايت محدود رهجي وڃي ٿو. ناڻي واري وزارت واضح ڪيو ته گذريل مالي سال جي پهرين 9 مهينن دوران سول حڪومت جا خرچ 559 ارب رپيا هئا جن مان 388 ارب رپيا ملازمن بابت خرچ جڏهن ته غير ملازمتي خرچن جو ڳاڻيٽو 171 ارب رپيا هو، جاري مالي سال جي ان مُدي دوران سول حڪومت جا خرچ 629 ارب رپيا رهيا، جن ۾ 427 ارب رپيا ملازمن بابت خرچ جڏهن ته 202 ارب رپيا غير ملازمتي خرچ شامل آهن، اهڙيءَ طرح سول حڪومت جي مجموعي خرچن ۾ اضافو 12.5 سيڪڙو بڻجي ٿو. ناڻي واري وزارت موجب خرچن جي تفصيل مان ظاهر ٿي رهيو آهي ته ملازمن بابت خرچن ۾ تقريبن 10 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي جنهن جو بنيادي سبب وفاقي بجيٽ ۾ اعلان ڪيل پگهارن ۽ اُجرتن ۾ واڌ آهي. غير ملازمتي خرچ 171 ارب رپين کان وڌي 202 ارب رپيا ٿي ويا، يعني ان ۾ 31 ارب رپين جو اضافو ٿيو. اهم ڳالهه اها آهي ته 31 ارب رپيا واڌاري سان 29 ارب رپيا مالي سال دوران حفاظتي ٽُڪن بابت توسيعي پروگرام لاءِ مخصوص ڪيا ويا جيڪو قومي عوامي صحت جو هڪ اهم منصوبو آهي جنهن جو مقصد ٻارن کي وچڙندڙ بيمارين کان تحفظ فراهم ڪرڻ آهي، جيڪڏهن اي پي آءِ لاءِ مخصوص رقم کي ڌار ڪيو وڃي ته غير ملازمتي خرچن ۾ حقيقي واڌارو تقريبن 2 ارب رپيا بڻجي ٿو. ناڻي واري وزارت چيو ته خرچن جي انگن اکرن کي ان اهم جُزن ۽ عوامي فلاحي بهبود جي مُدت کي نمايان ڪرڻ کانسواءِ پيش ڪرڻ حڪومت جي خرچن جي رجحان جي مڪمل ۽ درست تصوير فراهم نٿو ڪري.











