پاڪستان ايندڙ ڏينهن ۾ پاڻمرادو ويڪسين تيار ڪرڻ جي قابل ٿي ويندو: صحت واري وفاقي وزارت

اسلام آباد-14 مئي (اي پي پي) صحت واري وفاقي وزير جي عملدارن چيو آهي ته قومي ويڪسين پاليسي جي منظوري ملڪي تاريخ جو هڪ اهم سنگ ميل آهي جنهن کانپوءِ پاڪستان کي مقامي سطح تي ويڪسين تيار ڪرڻ جو باقائده اختيار حاصل ٿي ويندو. عملدارن موجب پاڪستان مقامي سطح تي ويڪسين سازيءَ کي هٿي ڏيڻ لاءِ پُرعزم آهي، ايندڙ ڏينهن ۾ ملڪ پاڻ ويڪسين تيار ڪرڻ جي قابل ٿي ويندو، …

اسلام آباد-14 مئي (اي پي پي) صحت واري وفاقي وزير جي عملدارن چيو آهي ته قومي ويڪسين پاليسي جي منظوري ملڪي تاريخ جو هڪ اهم سنگ ميل آهي جنهن کانپوءِ پاڪستان کي مقامي سطح تي ويڪسين تيار ڪرڻ جو باقائده اختيار حاصل ٿي ويندو. عملدارن موجب پاڪستان مقامي سطح تي ويڪسين سازيءَ کي هٿي ڏيڻ لاءِ پُرعزم آهي، ايندڙ ڏينهن ۾ ملڪ پاڻ ويڪسين تيار ڪرڻ جي قابل ٿي ويندو، ان سلسلي ۾ هڪ اهم اجلاس ۾ ٽريڪ اينڊ ٽريس سسٽم تحت 2-ڊي بار ڪوڊ لاڳو ٿيڻ واري اهم اڳڀرائيءَ جو تفصيلي جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ ڊرگ ريگيوليٽري اٿارٽي آف پاڪستان (ڊريپ) طرفان جاري ڪيل آٽومشن قدمن جو معائنو ڪيو ويو. اجلاس ۾ قومي ويڪسين پاليسي جي منظوريءَ کانپوءِ آئينده لائحه عمل انڊونيشيا سان مفاهمتي يادداشت تي اڳڀرائي ۽ نيشنل ريگيوليٽري سسٽم لاءِ گلوبل بينچ مارڪنگ بابت قدمن جو به تفصيلي جائزو ورتو ويو. عملدارن ٻُڌايو ته صحت واري وفاقي وزير سيد مصطفيٰ ڪمال ڊبليو ايڇ او جي گلوبل بينچ مارڪنگ سسٽم کي مؤثر طور لاڳو ڪرڻ لاءِ صوبائي حڪومتن سان پاڻ رابطو ۽ ڪوآرڊينيشن ڪندو. ڊريپ ۾ جاري سڌارن جا مثبت نتيجا سامهون اچي رهيا آهن ۽ اداري کي عالمي معيار موجب هڪ مؤثر ريگيوليٽري اٿارٽي بڻائڻ لاءِ سڌارا جاتي قدم تيز ڪيا پيا وڃن. وفاقي وزير هدايت ڪئي ته ڊريپ ڊبليو ايڇ او جي ليول ٿري اسٽيٽس کي حاصل ڪرڻ لاءِ سمورن ضروري قدمن ۾ وڌيڪ تيزي آندي وڃي. هن چيو ته ان اڳڀرائيءَ کانپوءِ پاڪستاني دوائن کي دنيا جي 150 ملڪن تائين رسائي حاصل ٿيندي جڏهن ته هن وقت پاڪستان جون دوائون 51 ملڪن ڏانهن وڃي رهيون آهن، ان قدمن سان نه صرف ضروري دوائن جي روانگي واپار ۾ اضافو ٿيندو پر ملڪي معيشت به وڌيڪ مضبوط ٿيندي.