نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان برطانيا جي پرڏيهي سيڪريٽري يوويٽ ڪوپر جي ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه

اسلام آباد - 14 مئي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان برطانيا جي پرڏيهي سيڪريٽري يوويٽ ڪوپر ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي، خطي جي موجوده صورتحال جو جائزو ورتو ۽ امن ۽ استحڪام جي فروغ جي لاءِ جاري ڪوششن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب پرڏيهي سيڪريٽري يوويٽ ڪوپر لاڳاپيل ڌرين جي وچ ۾ پرامن رابطن جي …

اسلام آباد – 14 مئي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان برطانيا جي پرڏيهي سيڪريٽري يوويٽ ڪوپر ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي، خطي جي موجوده صورتحال جو جائزو ورتو ۽ امن ۽ استحڪام جي فروغ جي لاءِ جاري ڪوششن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب پرڏيهي سيڪريٽري يوويٽ ڪوپر لاڳاپيل ڌرين جي وچ ۾ پرامن رابطن جي فروغ ۾ پاڪستان جي تعميري ڪردار کي ساراهيو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار علائقائي چئلينجز جي حل لاءِ ڳالهه ٻولهه ۽ سفارتڪاري جي فروغ جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ۽ چيو ته اهو ئي مسئلن جي حل جو ترجيحي رستو آهي. ڳالهه ٻولهه دوران علائقائي سلامتي ۽ عالمي واپار تي وسيع تر اثر پڻ بحث هيٺ آيا. ٻنهي اڳواڻن مسلسل رابطي ۽ ويجهي مشاورت جي اهميت تي اتفاق ڪيو.