وفاقي ڪابينا حج پاليسي 2030 – 2027ع تي ڪابينا ڪميٽي جي سفارشن جي منظوري ڏئي ڇڏي، حاجين جي حقن جي تحفظ لاءِ مذهبي معاملن واري وزارت ۽ پرائيويٽ حج آپريٽرز جي احتساب جو نظام جوڙڻ جي هدايت

اسلام آباد - 14 مئي (اي پي پي) وفاقي ڪابينا حج پاليسي 2030 – 2027ع تي ڪابينا ڪميٽي جي سفارشن جي منظوري ڏيندي حاجين جي حقن جي تحفظ لاءِ مذهبي معاملن واري وزارت ۽ پرائيويٽ حج آپريٽرز جي احتساب جو نظام جوڙڻ جي هدايت ڪئي آهي. ڪابينا فراش ٽائون، اسلام آباد ۾ اسلام آباد جي ڪچي آبادين جي رهواسين جي لاءِ گهٽ قيمت هائوسنگ منصوبي جي تعمير ۽ ترقي وفاقي …

اسلام آباد – 14 مئي (اي پي پي) وفاقي ڪابينا حج پاليسي 2030 – 2027ع تي ڪابينا ڪميٽي جي سفارشن جي منظوري ڏيندي حاجين جي حقن جي تحفظ لاءِ مذهبي معاملن واري وزارت ۽ پرائيويٽ حج آپريٽرز جي احتساب جو نظام جوڙڻ جي هدايت ڪئي آهي. ڪابينا فراش ٽائون، اسلام آباد ۾ اسلام آباد جي ڪچي آبادين جي رهواسين جي لاءِ گهٽ قيمت هائوسنگ منصوبي جي تعمير ۽ ترقي وفاقي ترقياتي اداري (سي ڊي اي) جي حوالي ڪرڻ جي پڻ منظوري ڏئي ڇڏي. وفاقي ڪابينا جو اجلاس وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ وزيراعظم هائوس ۾ ٿيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وفاقي ڪابينا سڄي ملڪ ۾ ڪڻڪ جي خريد ۽ وڪري جي حوالي سان درپيش مسئلن جو نوٽيس وٺندي معاملي تي ڪابينا ڪميٽي جوڙي ڇڏي. وفاقي ڪابينا کي مذهبي معاملن ۽ بين المذاهب هم آهنگي واري وزارت پاران حج پاليسي 2030 – 2027ع جي جانچ جي حوالي سان ٺاهيل ڪميٽي جون سفارشون پيش ڪيون ويون. وفاقي ڪابينا ڪميٽي جي سفارشن جي منظوري ڏيندي هدايت ڪئي ته مذهبي معاملن واري وزارت ۽ پرائيويٽ حج آپريٽرز جي احتساب جو نظام جوڙيو وڃي ته جيئن حاجين جي حقن جو تحفظ ڪري سگهجي. وفاقي ڪابينا گهرو معاملن ۽ منشيات جي خاتمي واري وزارت جي سفارش تي فراش ٽائون، اسلام آباد ۾ اسلام آباد جي ڪچي آبادين جي رهواسين جي لاءِ گهٽ قيمت هائوسنگ منصوبي جي تعمير ۽ ترقي وفاقي ترقياتي اداري (سي ڊي اي) جي حوالي ڪرڻ جي پڻ منظوري ڏني. وفاقي ڪابينا روينيو ڊويزن جي سفارش تي پاڪستان ڪسٽمز جي انسپيڪٽرز، انٽيليجنس آفيسرز، پريوينٽو آفيسرز، اپريزرز ۽ ايويليوايشن آفيسرز جي محڪماڻي ترقي جي امتحانن جي فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن جي ذريعي ڪرائڻ جي پڻ منظوري ڏني. وفاقي ڪابينا ليجسليٽو ڪيسز بابت ڪابينا ڪميٽي جي 29 اپريل 2026ع تي ٿيندڙ اجلاس ۾ ڪيل فيصلن جي منظوري پڻ ڏئي ڇڏي جڏهن ته هدايت ڪئي ته ٽوبيڪو مارڪيٽنگ ڪنٽرول رومز 2016ع ۾ ترميم جي حوالي سان اقتصادي رابطا ڪميٽي جي راءِ ورتي وڃي.