وفاقي آئيني عدالت جي چيف جسٽس سان آذربائيجان جي انصاف واري وزير جي ملاقات

اسلام آباد-14 مئي (اي پي پي) پاڪستان جي وفاقي آئيني عدالت جي چيف جسٽس جسٽس امين الدين خان سان جمهوريه آذربائيجان جي انصاف واري وزير فريد احمدوف، قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير اعظم نذير تارڙ سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ پاڪستان ۽ آذربائيجان وچ ۾ قانوني ۽ عدالتي تعاون، عدالتي نظام کي ڊجيٽلائزيشن، مصنوعي ذهانت جي استعمال ۽ اداره جاتي تجربن جي مٽاسٽا بابت معاملن تي خيالن جي ڏي …

اسلام آباد-14 مئي (اي پي پي) پاڪستان جي وفاقي آئيني عدالت جي چيف جسٽس جسٽس امين الدين خان سان جمهوريه آذربائيجان جي انصاف واري وزير فريد احمدوف، قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير اعظم نذير تارڙ سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ پاڪستان ۽ آذربائيجان وچ ۾ قانوني ۽ عدالتي تعاون، عدالتي نظام کي ڊجيٽلائزيشن، مصنوعي ذهانت جي استعمال ۽ اداره جاتي تجربن جي مٽاسٽا بابت معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات دوران آذربائيجان جي وزير وفاقي آئيني عدالت جي قيام ۽ مختصر عرصي ۾ ان جي اثرائتي ڪارڪردگيءَ کي ساراهيندي چيو ته هي ادارو پاڪستان ۾ آئيني بالادستي، قانون جي حڪمراني ۽ اثرائتي حڪمراني کي هٿي وٺرائڻ ۾ اهم ڪرار ادا ڪري رهيو آهي. فريد احمدوف چيو ته آذربائيجان جي آئيني عدالت 1998ع ۾ قائم ٿي هئي ۽ ان کي آئيني عدالتي معاملن ۾ وسيع تجربو حاصل آهي جنهن سان وفاقي آئيني عدالت پاڪستان سان گڏيل سهڪار ۽ سگهه ۾ واڌ لاءِ فائدو کڻي سگهجي ٿو. هن ٻنهي ڀائر ملڪن وچ ۾ خوشگوار ناتن کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ ۽ قانوني ۽ آئيني شعبن ۾ سهڪار کي هٿي وٺرائڻ تي زور ڀريو. ملاقات ۾ قانوني معاونت، عدالتي سهڪار، اداره جاتي تجربن جي مٽاسٽا ۽ عدالتي نظام کي جديد گهرجن تي آڻڻ جي امڪانن تي ڳالهيون ڪيون ويون. آذربائيجان جي وزير پاڪستان ۾ عدالتي نظام جي ڊجيٽلائزيشن ۽ مصنوعي ذهانت جي استعمال جي حوالي سان فني معاونت فراهم ڪرڻ جي آڇ پڻ ڪئي. ان موقعي تي چيف جسٽس امين الدين خان وفد جي آجيان ڪندي وفاقي آئيني عدالت پاڪستان جي شروعاتي 6 مهينن جي ڪامياب سفير ۽ ڪارڪردگيءَ تي روشني وڌي. هن عوامي خدمت، ڪيسن جي وقت سر فيصلن ۽ اثرائتي سروس ڊليوري ذريعي آئيني انصاف کي هٿي وٺرائڻ لاءِ عدالت جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. چيف جسٽس آذربائيجان طرفان سهڪار جي آڇ کي ساراهيندي چيو ته عالمي تعاون عدالتي ادارن ۾ جدت، شفافيت ۽ اثرائتي نظام کي هٿي وٺرائڻ لاءِ نهايت اهميت رکي ٿو. ان موقعي تي ٻنهي طرفان پاڪستان ۽ آذربائيجان وچ ۾ قانوني ۽ عدالتي ناتن کي وڌيڪ مستحڪم بنائڻ ۽ اداره جاتي سهڪار جاري رکڻ جي عزم جو اظهار ڪيو ويو.