اسلام آباد - 14 مئي (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري پاڪستان جي هٿياربند فوج جي 47 آفيسرن ۽ اهلڪارن کي اعلى فوجي اعزازن سان نوازيو. پاڪستان جي ٽنهي هٿياربند فوج جي آفيسرن ۽ اهلڪارن کي نمايان خدمتن ۽ بهادري جي اعتراف ۾ اعزازن سان نوازڻ جي لاءِ ايوان صدر ۾ هڪ پروقار تقريب منعقد ٿي جنهن ۾ سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار …
صدر آصف علي زرداري نمايان خدمتن جي اعتراف ۾ هٿياربند فوج جي آفيسرن ۽ اهلڪارن کي اعلى فوجي اعزازن سان نوازيو

مزید خبریں
اسلام آباد – 14 مئي (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري پاڪستان جي هٿياربند فوج جي 47 آفيسرن ۽ اهلڪارن کي اعلى فوجي اعزازن سان نوازيو. پاڪستان جي ٽنهي هٿياربند فوج جي آفيسرن ۽ اهلڪارن کي نمايان خدمتن ۽ بهادري جي اعتراف ۾ اعزازن سان نوازڻ جي لاءِ ايوان صدر ۾ هڪ پروقار تقريب منعقد ٿي جنهن ۾ سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق، دفاع واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف، خاتون اول آصفه ڀٽو زرداري، هٿياربند فوج جي اعلى آفيسرن، سينيئر سرڪاري عملدارن، ايوارڊز حاصل ڪندڙن جي گهرڀاتين ۽ غيرملڪي سفارتڪارن سميت ٻين اهم شخصيتن شرڪت ڪئي. بي مثال بهادري جي اعتراف ۾ ستاره بسالت جو اعزاز ليفٽيننٽ ڪرنل محمد علي شوڪت شهيد، سپاهي ثوبان مجيد بلوچ شهيد ۽ سپاهي اسرار محمد کي ڏنو ويو. هلال امتياز (عسڪري) حاصل ڪندڙن ۾ ايئر مارشل ڪاشف قمر، ايئر مارشل عامر شهزاد، ايئر وائيس مارشل محمد عامر حيات، ميجر جنرل محمد شاهد ابڙو، ميجر جنرل ملڪ مقبول رضا، ميجر جنرل سبطين رفيق، ريئر ايڊمرل مظهر محمود ملڪ، ايئر وائيس مارشل شاهد منصور جهانگيري، ايئر وائيس مارشل خالد محمود، ميجر جنرل اعجاز احمد، ريئر ايڊمرل رضوان صادق، ميجر جنرل ملڪ محمد شهزاد، ايئر وائيس مارشل طاهر محمود، ميجر جنرل عامر اشفاق ڪياني، ميجر جنرل قيصر سليمان، ميجر جنرل عمر نسيم، ميجر جنرل لقمان حفيظ، ميجر جنرل عامر امين، ميجر جنرل سيد عمران عارف، ميجر جنرل هارون حميد چوڌري، ميجر جنرل وسيم افتخار چيما، ميجر جنرل محمد حسين، ميجر جنرل شعيب بن اڪرم، ميجر جنرل ياسر نواز جنجوعه، ميجر جنرل ڪاشف خليل، ميجر جنرل سيد عباس علي، ميجر جنرل احمد ڪمال، ميجر جنرل ڪاشف عبدالله، ميجر جنرل راڻا ارفان شڪيل رامي، ميجر جنرل محمد عباس، ميجر جنرل انجم رياض، ريئر ايڊمرل عدنان مجيد، ريئر ايڊمرل شهزاد حامد، ريئر ايڊمرل اظهر محمود، ميجر جنرل عتيق احمد، ميجر جنرل نويد احمد، ميجر جنرل ساجد امين، ميجر جنرل محمد انتخاب عالم، ميجر جنرل محمد شهزاد خان، ميجر جنرل شاهد امير افسر، ميجر جنرل نثارالحق، ميجر جنرل جواد رياض، ريئر ايڊمرل شهزاد اقبال ۽ ريئر ايڊمرل محمد خالد شامل آهن.











