اسلام آباد-14 مئي (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سردار اياز صادق ڪروز ميزائل فتح-4 جي ڪامياب تجربي تي پاڪ فوج، سائنسدانن، انجنيئرن ۽ قوم کي وڌايون ڏنيون آهن. ڪالهه پنهنجي واڌائين واري پيغام ۾ هن چيو ته فتح-4 ميزائل جو ڪامياب تجربو پاڪستان جي دفاع کي وڌيڪ مضبوط ۽ فتح نه ٿيڻ جوڳو بڻائڻ لاءِ اهم سنگِ ميل ثابت ٿيندو. پاڪستاني سائنسدانن، انجنيئرن ۽ سيڪيورٽي ادارن جي پيشيوراڻن …
فتح-4 ميزائل جو ڪامياب تجربو، پاڪستان جي دفاع کي وڌيڪ مضبوط ۽ فتح نه ٿيڻ جوڳو بنائڻ لاءِ اهم سنگِ ميل ثابت ٿيندو: سردار اياز صادق

مزید خبریں
اسلام آباد-14 مئي (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سردار اياز صادق ڪروز ميزائل فتح-4 جي ڪامياب تجربي تي پاڪ فوج، سائنسدانن، انجنيئرن ۽ قوم کي وڌايون ڏنيون آهن. ڪالهه پنهنجي واڌائين واري پيغام ۾ هن چيو ته فتح-4 ميزائل جو ڪامياب تجربو پاڪستان جي دفاع کي وڌيڪ مضبوط ۽ فتح نه ٿيڻ جوڳو بڻائڻ لاءِ اهم سنگِ ميل ثابت ٿيندو. پاڪستاني سائنسدانن، انجنيئرن ۽ سيڪيورٽي ادارن جي پيشيوراڻن مهارتن ۽ صلاحيتن کي خراجِ تحسين پيش ڪريون ٿا. فتح-4 جديد ايويانڪس ۽ نيويگيشنل نظام سان ليس ميزائل پاڪستان جي دفاعي نظام ۾ اهم واڌارو ثابت ٿيندو. هن چيو ته فتح-4 ميزائل جو ڪامياب تجربو ۽ پاڪ فوج جي پيشيوراڻي تياري، دفاعي صلاحيت ۽ قومي سلامتي جي عزم جو اظهار آهي. پوري قوم پنهنجي هٿياربند فوج، سائنسدانن انجنيئرن جي بي مثال مهارت ۽ صلاحيتن تي فخر ڪري ٿي. وطن جي دفاع لاءِ پاڪ فوج سائنسدانن ۽ فني ماهرن جون خدمتون ساراهه جوڳيون آهن. هن چيو ته پاڪستان جو دفاع مضبوط هٿن ۾ آهي. پاڪستان جي هٿياربند فوج دشمن جي هر جارحيت جو مؤثر جواب ڏيڻ جي ڀرپور صلاحيت رکي ٿي. اسپيڪر ملڪي دفاع کي فتح نه ٿيڻ جوڳو بڻائڻ جي عزم کي ورجائيندي چيو ته قومي سلامتي، خودمختياري ۽ استحڪام لاءِ پاڪ فوج جون قربانيون قابلِ تحسين آهن.











