حڪومت يرغمال بڻايل پاڪستان جي صومالي قزاقن کان بازيابيءَ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهي آهي: سينيٽر اعظم نذير تارڙ

اسلام آباد-14 مئي (اي پي پي) قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته حڪومت صوماليه ۾ قزاقن هٿان يرغمال بڻايل 10 پاڪستانين جي بازيابيءَ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهي آهي. ڪالهه قومي اسيمبليءَ جي اجلاس ۾ عبدالقادر پٽيل جي اعتراض واري نُڪتي تي هن ايوان کي ٻُڌايو ته يرغمالين جي خاندانن کي اڪيلو نه ڇڏيو ويندو، ان کان پهرين ڪمبوڊيا ۾ پاڪستانين جي …

اسلام آباد-14 مئي (اي پي پي) قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته حڪومت صوماليه ۾ قزاقن هٿان يرغمال بڻايل 10 پاڪستانين جي بازيابيءَ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهي آهي. ڪالهه قومي اسيمبليءَ جي اجلاس ۾ عبدالقادر پٽيل جي اعتراض واري نُڪتي تي هن ايوان کي ٻُڌايو ته يرغمالين جي خاندانن کي اڪيلو نه ڇڏيو ويندو، ان کان پهرين ڪمبوڊيا ۾ پاڪستانين جي آزاديءَ ۽ بازيابيءَ لاءِ پاڪستان حڪومت پنهنجو ڪردار احسن طريقي سان ادا ڪيو هو. هن چيو ته پاڪستان جي حڪومت ان معاملي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهي آهي ۽ پرڏيهي آفيس جو صوماليه جي حڪومت سان رابطو آهي.