اسلام آباد-14 مئي (اي پي پي) پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري چيو آهي ته نيشنل ڊزاسٽر مئنجمينٽ اٿارٽي سڄي ملڪ ۾ ٻوڏ، ڪلائوڊ برسٽ ۽ ٻين قدرتي آفتن سبب ٿيندڙ نقصان کي گهٽ ڪرڻ لاءِ جديد ٽيڪنالاجي ۽ جديد اڳڪٿيءَ جو نظام استعمال ڪري رهي آهي. ڪالهه قومي اسيمبليءَ ۾ سوالن جي وقفي دوران جواب ڏيندي وفاقي وزير چيو ته اين ڊي ايم اي جي اڳواٽ …
اين ڊي ايم اي سڄي ملڪ ۾ قدرتي آفتن سبب ٿيندڙ نقصان کي گهٽ ڪرڻ لاءِ جديد اڳڪٿي نظام استعمال ڪري رهي آهي: ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري

مزید خبریں
اسلام آباد-14 مئي (اي پي پي) پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري چيو آهي ته نيشنل ڊزاسٽر مئنجمينٽ اٿارٽي سڄي ملڪ ۾ ٻوڏ، ڪلائوڊ برسٽ ۽ ٻين قدرتي آفتن سبب ٿيندڙ نقصان کي گهٽ ڪرڻ لاءِ جديد ٽيڪنالاجي ۽ جديد اڳڪٿيءَ جو نظام استعمال ڪري رهي آهي. ڪالهه قومي اسيمبليءَ ۾ سوالن جي وقفي دوران جواب ڏيندي وفاقي وزير چيو ته اين ڊي ايم اي جي اڳواٽ اطلاع سبب پنجاب ۾ ٻوڏ جون تباهه ڪاريون ۽ انساني جانين جو نقصان گهٽ ٿيو. هن چيو ته حڪومت هاڻوڪن ٻوڏن ۽ قدرتي آفتن کانپوءِ رليف ۽ ريسڪيو آپريشنز بابت تفصيلي رپورٽس ايوان جي فلور تي پيش ڪري رهي آهي. هن چيو ته اين ڊي ايم اي متاثر علائقن ۾ ضلعي انتظاميه جي هم آهنگيءَ سان فوري امداد فراهم ڪئي جنهن ۾ رليف فنڊز طبي سهولتون ۽ هنگامي سامان شامل آهي. هن چيو ته نقصانن ۽ رليف قدمن بابت مڪمل تفصيل اڳ ئي حقيقتن ۽ انگن اکرن سان ايوان ۾ شيئر ڪيون ويون آهن ۽ جيڪڏهن ضرورت هجي ته لاڳاپيل ميمبرن کي ٻيهر فراهم ڪري سگهجن ٿيون. وفاقي وزير چيو ته پي ڊي ايم اي وٽ اين ڊي ايم اي جيتري جديد ٽيڪنالاجي نه هوندي آهي، جڏهن ته هن زور ڀريو ته اين ڊي ايم اي عالمي ادارن سان ويجهن رابطن ۾ آهي ۽ ان کي آفتن بابت ريئل ٽائيم ڊيٽا ۽ اڳڪٿيون ملنديون رهن ٿيون. هن چيو ته اين ڊي ايم اي صوبائي اٿارٽيز کي شديد برساتن، ٻوڏ ۽ ڪلائوڊ برسٽ بابت وقت سر الرٽس ۽ اڳڪٿيون بنا ڪنهن دير جاري ڪري ڇڏيون آهن. وفاقي وزير چيو ته شروعاتي وارننگ سسٽم مختلف صوبن ۾ هزارين جانين کي بچائڻ ۾ مدد ڏني آهي جنهن سان اٿارٽيز کي ٻوڏ سبب ايندڙ خطرن کان اڳواٽ اطلاع ڏنو پيو وڃي جنهن جي نتيجي ۾ ماڻهن کي محفوظ ماڳن تي منتقل ڪرڻ جو موقعو مليو. پنجاب جي حوالي سان هن ٻُڌايو ته اين ڊي ايم اي جي درست اڳڪٿين ۽ وقت سر مواصلات عيوض لکين ماڻهن کي اڳ ئي هاءِ رسڪ علائقن مان ڪڍيو ويو هو. هن چيو ته قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر جي اڳواڻيءَ ۾ هڪ پارلياماني وفد تازو اين ڊي ايم اي جي هيڊ ڪوارٽرز جو دؤرو ڪيو، جتي ميمبرن کي اٿارٽي جي جديد ترين ڊزاسٽر مانيٽرنگ سسٽم بابت بريفنگ ڏني وئي. هن چيو ته هي جديد سسٽم ڪيترن ئي سيٽلائيٽس سان منسلڪ آهي ۽ لاڳاپيل اٿارٽيز کي تازا ترين معلومات ۽ اڳواٽ ڊيٽا فراهم ڪري ٿو.











