اسلام آباد - 14 مئي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان آمريڪا جي ڏکڻ ۽ وچ ايشيائي معاملن بابت معاون پرڏيهي وزير پال ڪپور ملاقات ڪئي ۽ ٻطرفي لاڳاپن ۽ علائقائي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار صدر ٽرمپ جي امن ويزن، ايران – آمريڪا جنگبندي بابت …
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان آمريڪا جي ڏکڻ ۽ وچ ايشيائي معاملن بابت معاون پرڏيهي وزير پال ڪپور جي ملاقات

مزید خبریں
اسلام آباد – 14 مئي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان آمريڪا جي ڏکڻ ۽ وچ ايشيائي معاملن بابت معاون پرڏيهي وزير پال ڪپور ملاقات ڪئي ۽ ٻطرفي لاڳاپن ۽ علائقائي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار صدر ٽرمپ جي امن ويزن، ايران – آمريڪا جنگبندي بابت مفاهمت ۽ آمريڪي نائب صدر جي ڊي وينس جي 11 کان 12 اپريل 2026ع تي پاڪستان جي دوري کي ساراهيو. هن مسئلن جي حل لاءِ پاڪستان جي ڳالهه ٻولهه ۽ سفارتڪاري تي ٻڌل موقف جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. هن پاڪستان ۽ آمريڪا جي لاڳاپن ۾ موجوده مثبت اڳڀرائي تي اطمينان جو اظهار ڪندي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ وڌندڙ رابطن ۽ مختلف شعبن ۾ تعاون جي فروغ جي آجيان ڪئي. هن اعلى سطح جي باقاعده مٽاسٽا ۽ مسلسل منظم ڳالهه ٻولهه جي اهميت تي پڻ زور ڏنو. ان موقعي تي معاون پرڏيهي وزير پال ڪپور علائقائي ثالثي ۾ پاڪستان جي ڪردار کي ساراهيندي ٻطرفي لاڳاپن جي مثبت رخ جو ذڪر ڪيو. ٻنهي طرفن کان واپار، سيڙپڪاري ۽ ترقي جي شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي اتفاق ڪيو ويو.











