پيٽروليم واري وفاقي وزير سان قطر جي سفير جي ملاقات

اسلام آباد-14 مئي (اي پي پي) پيٽروليم واري وفاقي وزير علي پرويز ملڪ سان قطر جي  سفير علي بن مبارڪ الخاطر پيٽروليم ڊويزن ۾ ملاقات ڪئي جنهن ۾ ايل اين جي جي فراهمي، توانائي جي شعبي ۾ تعاون ۽ اسٽريٽجڪ اسٽوريج جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات دوران وفاقي وزير پاڪستان  کي وقت سر ايل اين جي ڪارگو فراهم ڪرڻ تي قطر جو ٿورو مڃيندي چيو …

اسلام آباد-14 مئي (اي پي پي) پيٽروليم واري وفاقي وزير علي پرويز ملڪ سان قطر جي  سفير علي بن مبارڪ الخاطر پيٽروليم ڊويزن ۾ ملاقات ڪئي جنهن ۾ ايل اين جي جي فراهمي، توانائي جي شعبي ۾ تعاون ۽ اسٽريٽجڪ اسٽوريج جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات دوران وفاقي وزير پاڪستان  کي وقت سر ايل اين جي ڪارگو فراهم ڪرڻ تي قطر جو ٿورو مڃيندي چيو ته آبنائي هرمز ۾ رش ۽ گرمي جي مند ۾ بجلي جي گهرج ۾ اضافي سبب پاڪستان کي درپيش چئلينجز دوران قطر جو تعاون انتهائي اهم رهيو. هن چيو ته قطر سان پاڪستان جا ڀائراڻا لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿيا آهن. وفاقي وزير پيٽروليم ٻڌايو ته هو قطر جي توانائي واري وزير سعد شيريده الڪعبي سان مسلسل رابطي ۾ رهيو ۽ ايل اين جي جهازن جي آمد بابت ويجهو رابطو ڪيو جنهن جي نتيجي ۾ ٻه ايل اين جي ڪارگوز ڪاميابي سان پاڪستان پهتا. وفاقي وزير ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته پاڪستان بنا رنڊڪ جي ايل اين جي سپلائي يقيني بڻائڻ لاءِ قطر سان ويجهو تعاون جاري رکندو. هن چيو ته پاڪستان جي ترجيح آهي ته دوست ۽ ڀائر ملڪن کان ضروري منظورين تحت توانائي سپلائي حاصل ڪئي وڃي ته جيئن ڪنهن جاني يا مالي نقصان کانسواءِ قومي ضرورت پوري ڪري سگهجي. هن چيو ته ملڪي توانائي ضرورتن کي نظر ۾ رکندي اضافي گئس سپلائي کي حاصل ڪرڻ لاءِ به ڪوششون جاري آهن. وفاقي وزير چيو ته موجوده علائقائي صورتحال مان اهم سبق حاصل ٿيا آهن ۽ وزيراعظم، فيلڊ مارشل ۽ نائب وزيراعظم جي قيادت ۾ حڪومت هڪ جامع انرجي سيڪيورٽي پاليسي جوڙي رهي آهي ته جيئن ٻاهرين چئلينجن جي مقابلي ۾ پاڪستان جي توانائي صلاحيت کي وڌيڪ مضبوط بڻائي سگهجي. قطر جي سفير علي بن مبارڪ الخاطر پاڪستان لاءِ قطر جي پختي حمايت جو ورجاءُ ڪندي چيو ته قطر جي قيادت پاڪستان جون توانائي ضرورتون پوريون ڪرڻ لاءِ هر ممڪن سهولت فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. هن چيو ته هي ٻنهي ڀائر ملڪن جي قيادت وچ ۾ گهرن لاڳاپن جو ثبوت آهي. قطري سفير خطي ۾ امن ۽ استحڪام کي هٿي ڏيڻ لاءِ پاڪستان جي ٽياڪڙي ۽ تعميري ڪردار کي به ساراهيو. ملاقات جي پڄاڻي تي ٻنهي ڌرين پاڪستان ۽ قطر وچ ۾ توانائي تعاون کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ ۽ مستقبل ۾ مستحڪم ۽ اعتماد جوڳي ايل اين جي ۽ توانائي سپلائي يقيني بڻائڻ لاءِ ويجها رابطا جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو.