پاڪستان ۽ آذربائيجان وچ ۾ ٽريڊ ٽرانزٽ معاهدو اهم آهي : مواصلات وارو وفاقي وزير

اسلام آباد-14 مئي (اي پي پي) مواصلات واري وفاقي وزير عبدالعليم خان چيو آهي ته پاڪستان ۽ آذربائيجان وچ ۾ ٽريڊ ٽرانزٽ معاهدو اهم آهي. معرڪه حق  ۾ آذربائيجان پاران پاڪستان لاءِ غير متزلزل حمايت تعريف جوڳي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن آذربائيجان جي 108 هين قومي ڏينهن جي تقريب کي خطاب دوران ڪيو. تقريب ۾ سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني، وفاقي وزير اعظم نذير تارڙ، شزه فاطمه، …

اسلام آباد-14 مئي (اي پي پي) مواصلات واري وفاقي وزير عبدالعليم خان چيو آهي ته پاڪستان ۽ آذربائيجان وچ ۾ ٽريڊ ٽرانزٽ معاهدو اهم آهي. معرڪه حق  ۾ آذربائيجان پاران پاڪستان لاءِ غير متزلزل حمايت تعريف جوڳي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن آذربائيجان جي 108 هين قومي ڏينهن جي تقريب کي خطاب دوران ڪيو. تقريب ۾ سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني، وفاقي وزير اعظم نذير تارڙ، شزه فاطمه، فاروق ستار، مصدق ملڪ، قومي اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر سيد غلام مصطفيٰ شاه، پنجاب جي سينئر وزير مريم اورنگزيب، پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر ملڪ احمد خان، مسلمان ملڪن جي سفيرن ۽ اهم شخصيتن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي پاڪستان ۽ آذربائيجان جي سفير خضر فرهادوف سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني، وفاقي وزير عبدالعليم خان جي آجيان ڪئي، عبدالعليم خان تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته آذربائيجان لاءِ پاڪستان پاران خير سگالي ۽ مبارڪن جو پيغام ڏيان ٿو. آذربائيجان کي مسلمان دنيا ۾ پهرين جمهوري ملڪ هجڻ جو اعزاز حاصل آهي. هن آذربائيجان جي صدر الهام عليوف جي شاندار ويزن جي واکاڻ ڪئي. هن وڌيڪ چيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ ٽرانزٽ ۽ ٽريڊ معاهدو اهم آهي. خطي ۾ خاص ڪري ٻنهي ملڪن وچ ۾ زميني رابطن ۾ اضافي جا خواهشمند آهيون. گذريل سال 90 هزار کان وڌيڪ پاڪستانين آذربائيجان جي سياحت ڪئي. اسلام آباد ۽ باڪو وچ ۾ مفاصلا گهٽجي رهيا آهن. پاڪستاني عوام آذربائيجان پاران سفارتي، سياسي ۽ اخلاقي حمايت تي شڪرگذار آهي. ڏکئي وقت ۾ ڏنل ساٿ کي ڪڏهن به نه ٿا وساري سگهون. تقريب ۾ آذربائيجان جي قومي ڏينهن جي حوالي سان ثقافتي پروگرامن سميت مختلف پروگرام پيش ڪيا ويا جڏهن ته پاڪستاني نغما پڻ پيش ڪيا ويا. تقريب ۾ آذربائيجان ۽ پاڪستان جي قومي جهنڊي ۽ قومي ترانن جي گونج ۾ پاڪ آذر بائيجان دوستي زنده باد جو فلوٽ پڻ شامل هو.