اسلام آباد-14 مئي(اي پي پي) قومي اسيمبلي کي ٻڌايو ويو آهي ته حڪومتي قدمن جي نتيجي ۾ سڄي ملڪ ۾ پيٽروليم مصنوعات ججهي مقدار ۾ موجود آهي. وزيراعظم پيٽروليم مصنوعات بابت عوام کي رليف مهيا ڪرڻ وارن قدمن جي نگراني پاڻ ڪري رهيو آهي. خميس ڏينهن قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ پيٽروليم مصنوعات جي اگهن ۾ اضافي بابت نعيمه ڪشور خان ۽ ٻين ڌيان ڇڪايو نوٽيس تي پارلياماني سيڪريٽري ميان …
ملڪ ۾ پيٽروليم مصنوعات ججهي مقدار ۾ موجود، وزيراعظم عوام کي رليف ڏيڻ وارن قدمن جي پاڻ نگراني ڪري رهيو آهي: پارلياماني سيڪريٽري

مزید خبریں
اسلام آباد-14 مئي(اي پي پي) قومي اسيمبلي کي ٻڌايو ويو آهي ته حڪومتي قدمن جي نتيجي ۾ سڄي ملڪ ۾ پيٽروليم مصنوعات ججهي مقدار ۾ موجود آهي. وزيراعظم پيٽروليم مصنوعات بابت عوام کي رليف مهيا ڪرڻ وارن قدمن جي نگراني پاڻ ڪري رهيو آهي. خميس ڏينهن قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ پيٽروليم مصنوعات جي اگهن ۾ اضافي بابت نعيمه ڪشور خان ۽ ٻين ڌيان ڇڪايو نوٽيس تي پارلياماني سيڪريٽري ميان خان بگٽي ايوان کي ٻڌايو ته تازي جنگ سبب تيل جي اگهن ۾ اضافو ۽ گهٽتائي ٿي رهي آهي . حڪومت 128 ارب روپين جو اضافي بار برداشت ڪري رهي آهي. موٽر سائيڪلن ۽ ٽرانسپورٽ شعبي کي سبسڊي ڏئي پئي وڃي. حڪومت توانائي جي بچت جي حوالي سان قدم کنيا آهن جنهن جا سٺا اثر سامهون اچي رهيا آهن. هن چيو ته عالمي معاهدن سبب 9 مئي تي پيٽرول جي قيمت ۾ 15 روپين جو اضافو ڪيو ويو. ضمني سوال جي جواب ۾ هن چيو ته حڪومتي قدمن سبب ملڪ ۾ پيٽروليم مصنوعات ججهي مقدار ۾ موجود آهي. پيٽروليم مصنوعات جي اگهن ۾ جي ايس ٽي شامل نه آهي. هن چيو ته توانائي جي بچت ۾ عوام کي پڻ ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. عاليه ڪامران جي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته هن وقت ڀارت ۾ پيٽرول جو اگهه 296 روپيا ۽ بنگلاديش ۾ 318 آهي. حڪومت پيٽروليم مصنوعات جي اگهن ۾ عوام کي رليف فراهم ڪرڻ لاءِ ڀرپور ڪوشش ڪري رهي آهي. محمد عثمان باديني جي سوال جي جواب ۾ پارلياماني سيڪريٽري چيو ته پيٽرول پمپن تي رش نه آهي. وزيراعظم پيٽروليم مصنوعات ۾ عوام کي رليف فراهم ڪرڻ وارن قدمن جي پاڻ نگراني ڪري رهيو آهي.











