پنهنجي ايٽمي صلاحيت جي جدتڪاري جاري رکنداسين: روس

ماسڪو-14 مئي(اي پي پي) روس چيو آهي ته هو پنهنجي اسٽريٽجڪ ايٽمي فوج جي اڳڀرائي ۽ اهڙي ميزائل نظام جي تياري جاري رکندو جيڪو موجوده ۽ مستقبل جي سمورن دفاعي نظامن کي شڪست ڏيڻ جي صلاحيت رکندو هجي. پرڏيهي ميڊيا موجب اها ڳالهه روس جي صدر ولاديمير پيوٽن هڪ بيان ۾ چئي. بين البراعظمي بيليسٽڪ ميزائل سرمت جي حوالي سان روس جي صدر چيو ته اهو دنيا جو طاقتور ترين …

ماسڪو-14 مئي(اي پي پي) روس چيو آهي ته هو پنهنجي اسٽريٽجڪ ايٽمي فوج جي اڳڀرائي ۽ اهڙي ميزائل نظام جي تياري جاري رکندو جيڪو موجوده ۽ مستقبل جي سمورن دفاعي نظامن کي شڪست ڏيڻ جي صلاحيت رکندو هجي. پرڏيهي ميڊيا موجب اها ڳالهه روس جي صدر ولاديمير پيوٽن هڪ بيان ۾ چئي. بين البراعظمي بيليسٽڪ ميزائل سرمت جي حوالي سان روس جي صدر چيو ته اهو دنيا جو طاقتور ترين ميزائل سسٽم آهي جيڪو اهڙا ايٽمي وار هيڊ کڻي سگهي ٿو جنهن جي طاقت اولهه جي فوج وٽ موجوده ڪنهن به هٿيار کان 4 ڀيرا وڌيڪ آهي . هن چيو ته سرمت هلندڙ سال جي آخر تائين جنگي خدمتن ۾ شامل ڪيو ويندو. سندس چوڻ هيو ته اهو ميزائل 35 هزار ڪلو ميٽرن تائين جو مفاصلو طئي ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو. ٻئي پاسي سرڪاري ايجنسي موجب ڪريملن ٻڌايو ته هن آمريڪا کي ان تجربي جي باري ۾ پهرين کان آگاهه ڪري ڇڏيو هيو.