وزيراعظم پاران وڌندڙ آبادي جي لاءِ موثر ۽ ٺوس حڪمت عملي جوڙڻ جي هدايت

اسلام آباد - 14 مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف وڌندڙ آبادي جي لاءِ موثر ۽ ٺوس حڪمت عملي جوڙڻ جي هدايت ڪندي قومي سطح تي آبادي بابت پاليسي سازي جي لاءِ نيشنل پاپوليشن ڪائونسل قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ وڌندڙ آبادي جي مسئلن تي اهم اجلاس ٿيو جنهن ۾ منصوبابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال، اقتصادي معاملن واري وفاقي …

اسلام آباد – 14 مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف وڌندڙ آبادي جي لاءِ موثر ۽ ٺوس حڪمت عملي جوڙڻ جي هدايت ڪندي قومي سطح تي آبادي بابت پاليسي سازي جي لاءِ نيشنل پاپوليشن ڪائونسل قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ وڌندڙ آبادي جي مسئلن تي اهم اجلاس ٿيو جنهن ۾ منصوبابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال، اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير احد خان چيما، موسمياتي تبديلي واري وفاقي وزير مصدق ملڪ، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، قومي صحت واري وفاقي وزير سيد مصطفى ڪمال، قومي صحت واري مملڪتي وزير ملڪ مختار احمد ڀرٿ ۽ لاڳاپيل اعلى سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم اجلاس ۾ وڌندڙ آبادي جي لاءِ موثر ۽ ٺوس حڪمت عملي جوڙڻ جي هدايت ڪئي. هن قومي سطح تي آبادي بابت پاليسي سازي جي لاءِ نيشنل پاپوليشن ڪائونسل قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو جنهن جي سربراهي هو پاڻ ڪندو. نيشنل پاپوليشن ڪائونسل ۾ چئني صوبن جا وڏا وزير، آزاد ڪشمير جو وزيراعظم ۽ گلگت بلتستان جو وڏووزير شامل هوندا. وزيراعظم اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته وسيلن ۽ آبادي ۾ توازن ئي پائيدار ترقي جي ضمانت آهي، تيزي سان وڌندڙ آبادي سان قومي وسيلن تي دٻاءُ وڌي رهيو آهي ۽ ترقي جي لاءِ وڏو چئلينج آهي. هن چيو ته حڪومت جي ڀرپور ڪوشش آهي ته آگاهي مهم، صحت ۽ تعليم جي سهولتن ۾ بهتري ۽ متوازن ترقي جي ذريعي سان آبادي جي وڌندڙ رفتار تي ضابطو آڻي سگهجي، آبادي جي بهتر نظم ۽ ضبط جي لاءِ “هول آف دي گورنمينٽ اپروچ” اختيار ڪئي وڃي. وزيراعظم عوامي آگاهي مهم ۾ عالمن ۽ ڪميونٽي اڳواڻن جي شموليت يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي. اجلاس کي ملڪ جي وڌندڙ آبادي ۽ ڪنٽرول ۽ ڀلائي جي حوالي سان قدمن تي بريفنگ ڏني وئي جنهن ۾ ٻڌايو ويو ته ملڪ ۾ آبادي جي واڌويجهه جي شرح 2.55 سيڪڙو تائين پهچي چڪي آهي جيڪو هڪ وڏو چئلينج آهي. سمورن هيلٿ مرڪزن تي خانداني منصوبابندي جون سهولتون مهيا ڪرڻ سان آبادي تي ڪنٽرول ۾ مدد ملندي. بريفنگ موجب سماجي تحفظ جي پروگرامن کي خانداني منصوبابندي سان ڳنڍيو ويندو. اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته عورتن کي معاشي طور تي بااختيار بڻائن جو آبادي تي ضابطو آڻڻ ۾ اهم ڪردار آهي، خانداني منصوبابندي تي آگاهي مهم هلائي پئي وڃي.