اسلام آباد-14 مئي (اي پي پي) سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير محمد جنيد انوار چوڌري چيو آهي ته پاڪستان ميرين اڪيڊمي کي ڊگري ڏيندڙ ادارو بڻائڻ لاءِ بل جلد قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪيو ويندو جيڪا ملڪ ۾ سامونڊي تعليم کي هٿي ڏيڻ طرف اهم اڳڀرائي هوندي. وزارت مان جاري بيان موجب اها ڳالهه هن ڪراچي ۾ پاڪستان ميرين اڪيڊمي جي دوري جي موقعي تي چئي جتي وقتي ڪمانڊنٽ محمد …
پاڪستان ميرين اڪيڊمي کي ڊگري ڏيندڙ ادارو بڻائڻ لاءِ بل جلد قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪيو ويندو: وفاقي وزير محمد جنيد انوار چوڌري

مزید خبریں
اسلام آباد-14 مئي (اي پي پي) سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير محمد جنيد انوار چوڌري چيو آهي ته پاڪستان ميرين اڪيڊمي کي ڊگري ڏيندڙ ادارو بڻائڻ لاءِ بل جلد قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪيو ويندو جيڪا ملڪ ۾ سامونڊي تعليم کي هٿي ڏيڻ طرف اهم اڳڀرائي هوندي. وزارت مان جاري بيان موجب اها ڳالهه هن ڪراچي ۾ پاڪستان ميرين اڪيڊمي جي دوري جي موقعي تي چئي جتي وقتي ڪمانڊنٽ محمد آصف فاروق کيس اداري جي ترقي ۽ تربيتي قدمن بابت بريفنگ ڏني. وفاقي وزير چيو ته اڪيڊمي کي ڊگري ايوارڊنگ انسٽيٽيوٽ جو درجو ڏيڻ جي حوالي سان سمورن لاڳاپيل اسٽيڪ هولڊرز سان مشاورت مڪمل ڪئي وئي آهي، بل کي حتمي منظوري لاءِ مناسب وقت تي قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪيو ويندو. وقتي ڪمانڊنٽ ٻڌايو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي ميري ٽائيم شعبي جي سڌارن وارن قدمن تحت ڪراچي پورٽ ٽرسٽ، پورٽ قاسم اٿارٽي ۽ گوادر پورٽ اٿارٽي جي اهلڪارن کي خاص تربيت فراهم ڪئي وئي جنهن ۾ بنيادي فائر فائٽنگ ۽ نومبر 2025ع ۾ منعقد ٿيل نيوي ٽرينز پروفيشنل 5000 ڪورسز شامل آهن. هن ٻڌايو ته اڪيڊمي جي 14 انسٽرڪٽرز کي ڪواليفائيڊ ٽرينرز جو درجو ڏنو ويو آهي جنهن سان اداري جي تربيتي صلاحيت ۾ نمايان اضافو ٿيو آهي. ڪمانڊنٽ موجب اڪيڊمي ۾ جاري ترقياتي منصوبن لاءِ 42 ڪروڙ 10 لک روپين جي مالي مدد ڪراچي پورٽ ٽرسٽ، پورٽ قاسم اٿارٽي ۽ پاڪستان نيشنل شپنگ ڪارپوريشن جي ڪارپوريٽ سوشل ريسپانسبلٽي فنڊنگ ذريعي فراهم ٿيندي. وفاقي وزير شموليتي پاليسي تي زور ڀريندي هدايت ڪئي ته اڪيڊمي پنهنجي تربيتي پروگرامز کي بلوچستان جي شاگردن تائين واڌ ڏي، ان مقصد لاءِ نيشنل ووڪيشنل اينڊ ٽيڪنيڪل ٽريننگ ڪميشن ۽ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام کان به مدد حاصل ڪئي ويندي. هن چيو ته اڪيڊمي کي اپ گريڊ ڪرڻ جو قدم ميري ٽائيم شعبي کي جديد رخن تي هموار ڪرڻ ۽ علائقائي ۽ عالمي ضرورتن موجب هنرمند افرادي قوت تيار ڪرڻ جي وسيع حڪمت عملي جو حصو آهي.











