اسلام آباد-14 مئي (اي پي پي) قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ چين جي وفد سان لائيو اسٽاڪ جي شعبي ۾ ٻطرفي تعاون کي هٿي وٺرائڻ، پاڪستاني مينهن جي ايمبريو جي ايڪسپورٽ، جينياتي وسيلن جي ترقي ۽ پاڪستان جي اعليٰ معيار جو کير ڏيندڙ نسلن کي عالمي منڊين ۾ متعارف ڪرائڻ بابت تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اجلاس …
قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وفاقي وزير جي صدارت ۾ اجلاس

مزید خبریں
اسلام آباد-14 مئي (اي پي پي) قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ چين جي وفد سان لائيو اسٽاڪ جي شعبي ۾ ٻطرفي تعاون کي هٿي وٺرائڻ، پاڪستاني مينهن جي ايمبريو جي ايڪسپورٽ، جينياتي وسيلن جي ترقي ۽ پاڪستان جي اعليٰ معيار جو کير ڏيندڙ نسلن کي عالمي منڊين ۾ متعارف ڪرائڻ بابت تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اجلاس ۾ وزارت جي سينئر آفيسرن، اينيمل ڪوارنٽائن ڊپارٽمينٽ (AQD) جي نمائندن، فني ماهرن ۽ لائيو اسٽاڪ بريڊنگ ۽ بائيو ٽيڪنالاجي سان لاڳاپيل چيني ڪمپنين جي نمائندن شرڪت ڪئي. اجلاس دوران پاڪستان کان چين مهينن جي ايمبريو جي ايڪسپورٽ جي وسيع امڪانن ۽ لائيو اسٽاڪ جينيات، کير جي پيداوار ۾ اضافي ۽ جديد بريڊنگ ٽيڪنالاجيز جي شعبن ۾ تعاون جي نون موقعن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. چين جي وفد پاڪستان جي عالمي شهرت يافته مينهن جي نسلن کي ساراهيندي جانورن جي جينيات ۽ ايمبريو ٽرانسفر ٽيڪنالاجي جي ميدان ۾ تعاون وڌائڻ ۾ گهري دلچسپي جو اظهار ڪيو. شرڪت ڪندڙن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته پاڪستان دنيا جي بهترين کير ڏيندڙ مينهن جو نسل رکندڙ ملڪ آهي، خاص ڪري نيلي راوي نسل پنهنجي وڌيڪ کير پيدا ڪرڻ جي صلاحيت ۽ اعليٰ جينياتي خاصيتن سبب عالمي سطح تي مشهور حيثيت رکي ٿي. اجلاس ۾ ان ڳالهه کي اجاگر ڪيو ويو ته اعليٰ معيار جي ڊيري جينيات جي عالمي گهرج ۾ مسلسل اضافو پاڪستان جي لائيو اسٽاڪ شعبي لاءِ روانگي واپار ۽ سيڙپڪاري جا بي شمار موقعا پيدا ڪري رهيو آهي. وفاقي وزير چيو ته لائيو اسٽاڪ جو شعبو ايڪسپورٽ ۾ اضافي ۽ قيمتي پرڏيهي ناڻي کي حاصل ڪرڻ جي بي پناهه صلاحيت رکي ٿو. هن چيو ته پاڪستان جي اعليٰ معيار جو کير ڏيندڙ نسل خاص ڪري چين جهڙن دوست ملڪن سان زرعي واپاري تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۾ اهم ڪردارا دا ڪري سگهي ٿو. اينيمل سائنسز ڊويزن جي سينئر ڊائريڪٽر انچارج ڊاڪٽر سيد مرتضيٰ حسن اندرابي اجلاس کي حياتياتي ۽ جينياتي مواد جي ايڪسپورٽ لاءِ هڪ جامع ۽ عالمي معيار موجب فريم ورڪ جي اهميت کان آگاهه ڪيو. اجلاس ۾ شريڪ فني ماهرن چيو ته عالمي لائيو اسٽاڪ صنعت تيزي سان جديد بريڊنگ ٽيڪنالاجيز، ايمبريو ٽرانسفر ۽ جينياتي بهتري جي پروگرامن طرف وڌي رهي آهي ته جيئن کير جي پيداوار ۽ غذائي تحفظ کي بهتر بڻائي سگهجي. ماهرن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته نيلي راوي ۽ ساهيوال جهڙي اعليٰ نسلن سبب پاڪستان عالمي سطح تي اعليٰ معيار جي ڊيري جينيات فراهم ڪندڙ ملڪ بڻجڻ جي ڀرپور صلاحيت رکي ٿو. اجلاس ۾ پاڪستان جي لائيو اسٽاڪ جينيات جي تاريخي اهميت ۽ عالمي طلب کي به اجاگر ڪيو ويو، جن ۾ عالمي شهرت يافته ساهيوال نسل جي ڳئون به شامل آهي جنهن دنيا جي مختلف ملڪن ۾ ڊيري ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. وفاقي وزير راڻا تنوير حسين حڪومت جي ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته لائيو اسٽاڪ جي شعبي کي جديد رخن تي هموار ڪيو ويندو، سائنسي بريڊنگ ٽيڪنالاجي کي هٿي ڏني ويندي ۽ لائيو اسٽاڪ شين ۽ جينياتي مواد جي ايڪسپورٽ جا نوان موقعا پيدا ڪيا ويندا. هن چيو ته چين سان لائيو اسٽاڪ ۽ ڊيري ترقي جي شعبن ۾ مضبوط تعاون پاڪستان جي زرعي معيشت لاءِ مثبت ثابت ٿيندو ۽ آبادگارن، بريڊرز ۽ ايڪسپورٽ ڪندڙن لاءِ نوان موقعا پيدا ڪندو. وفاقي وزير چين جي وفد کي خاطري ڪرائي ته قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وزارت پاڪستان جي لائيو اسٽاڪ شعبي ۾ جدت، سيڙپڪاري ۽ پائيدار ترقي کي هٿي وٺرائڻ لاءِ عالمي حصيدارن جي ڀرپور حمايت جاري رکندي.











