آذربائيجان جي وفد جو انصاف واري وزير فريد احمدوف جي اڳواڻي ۾  قومي اسيمبلي جو دورو

اسلام آباد-14 مئي(اي پي پي) آذربائيجان جي انصاف واري وزير فريد احمدوف جي اڳواڻي ۾ وفد ڪالهه قومي اسيمبلي جو دورو ڪيو ۽ ايوان جي ڪارروائي ڏٺي. خميس تي قومي اسيمبلي آمد تي ڊپٽي اسپيڪر وفد جي آجيان ڪئي جڏهن ته وفد جي ميمبرن ڊيسڪون وڄائي انهن جي آجيان ڪئي. ان موقعي تي قانون واري وفاقي وزير اعظم نذير تارڙ چيو ته اسان آذربائيجان جي انصاف واري وزير فريد احمدوف ۽ …

اسلام آباد-14 مئي(اي پي پي) آذربائيجان جي انصاف واري وزير فريد احمدوف جي اڳواڻي ۾ وفد ڪالهه قومي اسيمبلي جو دورو ڪيو ۽ ايوان جي ڪارروائي ڏٺي. خميس تي قومي اسيمبلي آمد تي ڊپٽي اسپيڪر وفد جي آجيان ڪئي جڏهن ته وفد جي ميمبرن ڊيسڪون وڄائي انهن جي آجيان ڪئي. ان موقعي تي قانون واري وفاقي وزير اعظم نذير تارڙ چيو ته اسان آذربائيجان جي انصاف واري وزير فريد احمدوف ۽ سندس وفد جي آجيان ڪيون ٿا.هن معرڪه حق ۾ پاڪستان جي حمايت تي آذربائيجان جي حڪومت ۽ عوام جو شڪريو ادا ڪيو ۽ چيو ته ٻنهي ملڪن جي عوام وچ ۾ بهترين لاڳاپا آهن.