اسلام آباد-14 مئي(اي پي پي) پرڏيهه ۾ ترسيل پاڪستانين واري وزارت قومي اسيمبلي کي ٻڌايو آهي ته اوور سيز پاڪستانين جي ٻارن جي تعليمي ادارن ۾ فيس ۾ 50 سيڪڙو رعايت ڏني ويندي آهي، تازو ئي فيس ۾ 10 سيڪڙو اضافو ڪيو آهي جڏهن ته ساليانو فنڊ پڻ ختم ڪيو ويو آهي. خميس تي قومي اسيمبلي ۾ اسلام آباد ۾ اوور سيز پاڪستانيز فائونڊيشن جي ڪاليجن ۾ ٽيوشن فيس ۾ …
او پي ايف جي تعليمي ادارن جي فيس ۾ 10 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي: اوورسيز پاڪستانيز جي وزارت جو قومي اسيمبلي ۾ جواب

مزید خبریں
اسلام آباد-14 مئي(اي پي پي) پرڏيهه ۾ ترسيل پاڪستانين واري وزارت قومي اسيمبلي کي ٻڌايو آهي ته اوور سيز پاڪستانين جي ٻارن جي تعليمي ادارن ۾ فيس ۾ 50 سيڪڙو رعايت ڏني ويندي آهي، تازو ئي فيس ۾ 10 سيڪڙو اضافو ڪيو آهي جڏهن ته ساليانو فنڊ پڻ ختم ڪيو ويو آهي. خميس تي قومي اسيمبلي ۾ اسلام آباد ۾ اوور سيز پاڪستانيز فائونڊيشن جي ڪاليجن ۾ ٽيوشن فيس ۾ 3 هزار روپيا اضافي بابت ڌيان ڇڪايو نوٽيس جي جواب ۾ پارلياماني سيڪريٽري ڊاڪٽر درشن ٻڌايو ته 18 هزار داخلا فيس ضم ڪري 10 سيڪڙو فيس ۾ اضافو ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ٽي هزار روپيا نه وڌائي وئي آهي. اپريل جي فيس 14 هزار روپيا هئي. شاڪر بشير اعواڻ جي سوال جي جواب ۾ مملڪتي وزير عون چوڌري چيو ته او پي ايف تعليمي ادارن جي فيس ۾ 10 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي. هن ٻڌايو ته خانگي تعليمي ادارن ۾ 30 کان 50 سيڪڙو فيس ورتي پئي وڃي جنهن جي ڀيٽ ۾ اسان او پي ايف جي تعليمي ادارن ۾ ساليانو فنڊ ختم ڪري ڇڏيو آهي. عورت ميمبر نيلم چيو ته اوورسيز اسان جو اثاثو آهن ۽ انهن لاءِ آسانيون پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي. عون چوڌري چيو ته اوور سيز پاڪستانين جي ٻارن کي هتي 50 سيڪڙو رعايت ملي ٿي. ڪل 27 تعليمي ادارا آهن جن ۾ اوور سيز پاڪستانين جي ٻارن کي فيس ۾ 50 سيڪڙو رعايت ڏني ويندي آهي.











