اسلام آباد _ 14 مئي (اي پي پي) اسپيشل انويسٽيمينٽ فيسليٽيٽيشن ڪائونسل (ايس آءِ ايف سي ) جي قيام جو بنيادي مقصد خصوصي سيڙپڪاري ۾ سهولت فراهم ڪرڻ، سيڙپڪارن جو اعتماد بحال ڪرڻ ۽ ملڪ ۾ سازگار ڪاروباري ماحول کي هٿي ڏيڻ آهي. ڪجهه حلقا ايس آءِ ايف سي کي تنقيد جو نشانو بڻائي رهيا آهن. جيڪو انهن جي بنيادي مينڊيٽ ۾ شامل ئي ناهي. قانون مطابق ايس آءِ ايف …
ايس آءِ ايف سي جي اثرائتي سهولتڪاري سان سيڙپڪاري، پاليسي هم آهنگي ۽ معاشي استحڪام ۾ نمايان ڪاميابيون ملڻ لڳيون

مزید خبریں
اسلام آباد _ 14 مئي (اي پي پي) اسپيشل انويسٽيمينٽ فيسليٽيٽيشن ڪائونسل (ايس آءِ ايف سي ) جي قيام جو بنيادي مقصد خصوصي سيڙپڪاري ۾ سهولت فراهم ڪرڻ، سيڙپڪارن جو اعتماد بحال ڪرڻ ۽ ملڪ ۾ سازگار ڪاروباري ماحول کي هٿي ڏيڻ آهي. ڪجهه حلقا ايس آءِ ايف سي کي تنقيد جو نشانو بڻائي رهيا آهن. جيڪو انهن جي بنيادي مينڊيٽ ۾ شامل ئي ناهي. قانون مطابق ايس آءِ ايف سي جو ڪردار سيڙپڪاري ۾ سهولتڪاري ، پاليسي سطح تي رابطه ڪاري ۽ مختلف منصوبن تي عملدرآمد ۾ تيزي آڻڻ آهي جڏهن ته سيڙپڪاري ۾ دلچسپي پيدا ڪرڻ سيڙپڪاري بورڊ ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن جي ذميواري آهي. ايس آءِ ايف سي انهن منصوبن جي موثر ۽ وقت تي عمل ۾ سهڪار فراهم ڪري ٿي. ايس آءِ ايف سي صرف انهن اهم معاملن تي فيصلا ڪندي آهي جيڪي ايگزيڪيوٽو سطح تي حل نه ٿي سگهن. وزيراعظم طرفان فراهم ڪيل پاليسي فريم ورڪ تحت التوا هيٺ فيصلن تي عملدرآمد جاري آهي ۽ لاڳاپيل فورمز کي اڳڀرائي سان باقاعدگي کان آگاهه ڪيو ويندو آهي . ايس آءِ ايف سي جي سهولتڪاري سبب گذريل ڪجهه سالن دوران سيڙپڪاري جي ڪيترن التوا جو شڪار منصوبن ۾ اڳڀرائي ممڪن ٿي آهي. جيٽ گرين ايئر لائن، 5 – جي اسپيڪٽرم، معدنيات، زراعت، لائيواسٽاڪ ۽ آءِ ٽي سميت مختلف شعبن ۾ اهم اڳڀرائي سامهون آئي آهي. اختيارين مفاهمتي معاهدن تي کي فوري سيڙپڪاري تصور ڪرڻ صحيح ناهي ڇو ته وڏن منصوبن جي تڪميل لاءِ فزيبلٽي اسٽيڊيز ، قانوني منظورين ۽ مختلف ريگيوليٽريز مرحلب مان گذرڻ ضروري هوندو آهي . ايس آءِ ايف سي گذريل ڏينهن ونڊ ماڊل سيڙپڪارن جي درپيش عالمي ادارا جاتي مونجهارن ۽ رڪاوٽن ۾ نمايان گهٽتائي پيدا ڪئي آهي. سعودي عرب، گڏيل عرب امارات، قطر ۽ بحرين سميت 20 کان وڌيڪ ملڪن سان معدنيات ، توانائي ، زراعت ۽ آءِ ٽي جي 28 وڏن منصوبن تي اڳڀرائي جاري آهي. عالمي معاشي دٻاءَ ۽ علائقائي چئلينجز باوجود ايس آءِ ايف سي جي سهڪار سان پاڪستان هڪ مربوط ۽ موثر سيڙپڪاري نظام طرف اڳڀرائي ڪري رهيو آهي.











