بيجنگ-14 مئي (اي پي پي) چين جي گادي واري شهر بيجنگ ۾ آمريڪا ۽ چين جي صدرن وچ ۾ خوشگوار ماحول ۾ ملاقات ٿي جنهن ۾ صدر شي جن پنگ چيو آهي ته چين ۽ آمريڪا کي هڪٻئي جو مخالف بڻجڻ بدران حصيدار بڻجڻ گهرجي، ٻنهي ملڪن کي هڪٻئي جي ڪاميابي ۽ خوشحالي ۾ مدد ڪرڻ گهرجي ۽ نئين دور ۾ هڪٻئي سان بهترين طريقي سان هلڻ جو صحيح رستو …
بيجنگ ۾ چين ۽ آمريڪا جي صدرن جي خوشگوار ماحول ۾ ملاقات، شي جن پنگ سان ملاقات اعزاز آهي: ڊونلڊ ٽرمپ

مزید خبریں
بيجنگ-14 مئي (اي پي پي) چين جي گادي واري شهر بيجنگ ۾ آمريڪا ۽ چين جي صدرن وچ ۾ خوشگوار ماحول ۾ ملاقات ٿي جنهن ۾ صدر شي جن پنگ چيو آهي ته چين ۽ آمريڪا کي هڪٻئي جو مخالف بڻجڻ بدران حصيدار بڻجڻ گهرجي، ٻنهي ملڪن کي هڪٻئي جي ڪاميابي ۽ خوشحالي ۾ مدد ڪرڻ گهرجي ۽ نئين دور ۾ هڪٻئي سان بهترين طريقي سان هلڻ جو صحيح رستو ڳولڻ گهرجي، آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته آمريڪا ۽ چين جا لاڳاپا پهرين کان ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ بهتر ٿيندا ۽ هو پاڻ سان دنيا جي بهترين ڪاروباري اڳواڻن کي وٺي آيو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب چين جي صدر شي جن پنگ ۽ سندس آمريڪي هم منصب ڊونلڊ ٽرمپ جي ملاقات بيجنگ ۾ گريٽ هال آف دي پيپل ۾ ٿي. چين جي صدر شي جن پنگ چيو ته دنيا ۾ رونما ٿيندڙ تبديلين جي رفتار ايتري قدر تيز ٿي چڪي آهي جيڪا گذريل هڪ صدي دوران ناهي ڏٺي وئي، عالمي صورتحال تيزي سان تبديل ٿي ۽ هنگامي واري آهي، دنيا هڪ ٻه واٽي تي اچي چڪي آهي. هن سوال ڪيو ته ڇا ٿيوسي ڊائڊز جي ڄار (هارورڊ يونيورسٽي جي پروفيسر گراهم ايليس جو پيش ڪيل نظريو ته تاريخي طور تي ڪنهن موجود وڏي طاقت ۽ اڀرندڙ طاقت ۾ ٽڪراءُ جي نتيجي ۾ اڪثر جنگ ٿيندي آهي) ۾ اچڻ کان بچي سگهون ٿا ۽ وڏن ملڪن جي لاڳاپن جو هڪ نئون نمونو جوڙي سگهون ٿا، ڇا اسان گڏجي عالمي چئلينجن جو مقابلو ڪري سگهون ٿا ۽ دنيا کي وڌيڪ استحڪام فراهم ڪري سگهون ٿا، ڇا اسان ٻئي ماڻهن جي ڀلائي ۽ انسانيت جي مستقبل جي مفادن ۾ پنهنجي ٻطرفن لاڳاپن لاءِ گڏجي هڪ روشن مستقبل تعمير ڪري سگهون ٿا، ٻنهي ملڪن کي انهن سوالن جا گڏجي جواب ڏيڻ جي ضرورت آهي. چين جي صدر چيو ته ڪالهوڪي اسان جي اقتصادي ۽ واپاري ٽيمن جي ملاقاتن جا عمومي طور تي متوازن ۽ مثبت نتيجا نڪتا آهن، اها ٻنهي ملڪن ۽ دنيا لاءِ سٺي خبر آهي. هن چيو ته حقيقتن بار بار ثابت ڪيو آهي ته واپاري جنگين جو ڪو به فاتح ناهي هوندو، اختلاف راءِ ۽ ٽڪراءُ جي صورتحال ۾ برابري جي سطح تي مشاورت ئي صحيح چونڊ آهي. سندس چوڻ هو ته تيز رفتار تبديلين جي موجوده دور ۾ سامهون ايندڙ چئلينجن جا چين ۽ آمريڪا کي گڏيل طور تي جواب ڏيڻ گهرجن. چين جي صدر ان اميد جو اظهار ڪيو ته ”2026ع تاريخي سال“ هوندو جيڪو چين ۽ آمريڪا وچ ۾ لاڳاپن جي نئين باب جي شروعات ڪندو. صدر شي جن پنگ چيو ته چين ۽ آمريڪا جا گڏيل مفاد سندن وچ ۾ ڏٺا ويندڙ اختلافن کان وڌيڪ آهن. ٻنهي ممان ڪنهن هڪ ملڪ جي ڪاميابي ٻي لاءِ موقعو آهي ۽ لاڳاپن جي اها نوعيت سڄي دنيا لاءِ سٺي آهي، ٻنهي ملڪن کي هڪٻئي جي ڪاميابي ۽ خوشحالي ۾ هڪٻئي جي مدد ڪرڻ گهرجي ۽ وڏن ملڪن لاءِ نئين دور ۾ هڪٻئي سان بهترين طريقي سان هلڻ جو صحيح رستو ڳولڻ گهرجي. هن چيو ته چين، آمريڪا ۽ دنيا لاءِ اهم مسئلن تي ٻنهي ملڪن وچ ۾ ڳالهين جو منتظر آهيان ۽ گڏيل لاڳاپا اڳتي وڌائڻ لاءِ اوهان سان گڏجي ڪم ڪري رهيو آهيان. پرڏيهي ميڊيا موجب صدر ٽرمپ لاءِ شروعاتي لفظن ۾ شي جن پنگ جو چوڻ هو ته ڇا چين ۽ آمريڪا گڏجي عالمي چئلينجن جو مقابلو ۽ دنيا لاءِ وڌيڪ استحڪام فراهم ڪري سگهن ٿا، ڇا اسان پنهنجي دنيا، ٻنهي ملڪن جي شهرين ۽ انسانيت جي مستقبل لاءِ گڏيل لاڳاپن تي ٻڌل روشن مستقبل جوڙي سگهون ٿا، هي اهي سوال آهن جيڪي تاريخ، دنيا ۽ عوام لاءِ نهايت اهم آهن ۽ ان جو جواب وڏين طاقتن جي اڳواڻن جي حيثيت سان مون کي ۽ اوهان کي ڏيڻو آهي. چيني صدر آمريڪي هم منصب ڊونلڊ ٽرمپ ۽ آمريڪا کي آزادي جي 250 هين سالگرهه تي مبارڪون ڏيندي چيو ته هڪٻئي سان تعاون ڪرڻ ۾ ٻنهي ملڪن جو فائدو آهي جڏهن ته ڇڪتاڻ سان نقصان آهي. چيني صدر اميد ظاهر ڪئي ته هو آمريڪي صدر سان گڏجي چين ۽ آمريڪا جي لاڳاپن کي بهتر رخ ڏئي سگهندو. شروعاتي لفظن ۾ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته شي جن پنگ سان ملاقات اعزاز جو سبب آهي، شي جِن پنگ عظيم اڳواڻ آهي، ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته هن چين جي ان دوري ۾ دنيا جي بهترين ڪاروباري اڳواڻن کي پاڻ سان گڏ آندو آهي ۽ اڄ هتي رڳو ڪامياب ماڻهو توهان کي خراج تحسين پيش ڪرڻ لاءِ موجود آهن. هن چيو ته توهان سان گڏ هجڻ اعزاز آهي، توهان جو دوست هجڻ به اعزاز آهي، آمريڪا ۽ چين جا لاڳاپا اڳ کان وڌيڪ بهتر ٿيندا. آمريڪي صدر چيو ته اسان جا سٺا لاڳاپا رهيا آهن ۽ جڏهن مسئلا پيش آيا ته اسان انهن کي حل ڪري ورتو، آئون اوهان کي فون ڪري وٺندو هئس ۽ اوهان مون کي فون ڪري وٺندا هئا. هن چيو ته ماڻهو ان ڳالهه کي نٿا مڃين ته اسان کي جڏهن به ڪو مسئلو هوندو هو ته اسان تمام جلد ان کي حل ڪري وٺندا هئاسين. چيني صدر کي مخاطب ٿيندي هن چيو ته آئون سڀني کي چوان ٿو ته اوهان عظيم اڳواڻ آهيو. آمريڪي صدر چيو ته هو چين جي ان دوري ۾ دنيا جي بهترين ڪاروباري اڳواڻن کي پاڻ سان گڏ وٺي آيو آهي ۽ اڄ هتي صرف چوٽي جا ماڻهو ئي اوهان کي خراج تحسين پيش ڪرڻ لاءِ موجود آهن. هن پنهنجي چيني هم منصب کي مخاطب ٿيندي چيو ته اوهان سان گڏ هجڻ اعزاز آهي، اوهان جو دوست هجڻ به اعزاز آهي ۽ آمريڪا ۽ چين جا لاڳاپا پهرين کان ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ بهتر ٿيندا. گذريل ڏينهن ٻنهي ملڪن جي صدرن جي ملاقات کان پهريان آمريڪي ناڻي واري وزير اسڪاٽ بيسنٽ گذريل ڏينهن ڏکڻ ڪوريا ۾ چين جي نائب وزيراعظم هي لي فنگ سان ملاقات ڪئي هئي.











