بيجنگ – 14 مئي (اي پي پي) چين ۽ يونيسڪو اسٽريٽجڪ سهڪار مضبوط بڻائڻ جي حوالي سان هڪ يادداشت تي صحيحيون ڪيون آهن. پرڏيهي ميڊيا مطابق يادداشت پنجن حصن تي ٻڌل آهي جنهن ۾ واضح ڪيو ويو آهي ته چين ۽ يونيسڪو عملي سهڪار کي هٿي ڏيندا، صدر شي جن پنگ جي تجويز ڪيل گلوبل ڊولپمينٽ انيشي ايٽيو، گلوبل سيڪيورٽي انيشي ايٽيو، گلوبل سولائيزيشن انيشي ايٽيو ۽ گلوبل گورننس انيشي ايٽيو …
چين ۽ يونيسڪو پاران اسٽريٽجڪ سهڪار کي مضبوط بڻائڻ بابت يادداشت تي صحيحيون

مزید خبریں
بيجنگ – 14 مئي (اي پي پي) چين ۽ يونيسڪو اسٽريٽجڪ سهڪار مضبوط بڻائڻ جي حوالي سان هڪ يادداشت تي صحيحيون ڪيون آهن. پرڏيهي ميڊيا مطابق يادداشت پنجن حصن تي ٻڌل آهي جنهن ۾ واضح ڪيو ويو آهي ته چين ۽ يونيسڪو عملي سهڪار کي هٿي ڏيندا، صدر شي جن پنگ جي تجويز ڪيل گلوبل ڊولپمينٽ انيشي ايٽيو، گلوبل سيڪيورٽي انيشي ايٽيو، گلوبل سولائيزيشن انيشي ايٽيو ۽ گلوبل گورننس انيشي ايٽيو کي گڏيل طور لاڳو ڪندا. يادداشت ۾ 2026ع کان 2029ع تائين ٻنهي ڌرين وچ ۾ سهڪار جي اهم شعبن جو خاڪو پيش ڪيو ويو آهي، ان تحت تعليم جي ڊجيٽل تبديلي، پيشيوراڻي تعليم، اوپن سائنس، مصنوعي ذهانت، عالمي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي گورننس ۾ سهڪار ۽ ثقافتي ترقي جي تحفظ سميت ٻين شعبن ۾ عملي سهڪار کي مضبوط بڻايو ويندو. ٻنهي ڌرين چائنا ٽرسٽ فنڊ ذريعي آفريقا ۽ ايشيا پيسفڪ ريجن ۾ عالمي ثقافتي ورثي جو ڪنوينشن لاڳو ڪرڻ ۾ ان جي تعميري صلاحيت مضبوط بڻائڻ جي معاهدي تي به صحيحيون ڪيون.











