يوڪرين بحران جي پرامن حل لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ تيار آهيون: آمريڪا

نيويارڪ – 14 مئي (اي پي پي) آمريڪا چيو آهي ته هو يوڪرين بحران جي سفارتي ۽ پرامن حل لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ تيار آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق اها ڳالهه آمريڪي پرڏيهي وزير مارڪو روبيو هڪ بيان ۾ چئي. مارڪو روبيو چيو ته صدر ڊونلڊ ٽرمپ ۽ سندس ٽيم تڪرار جي سفارتي حل ۾ سهولت ڪاري لاءِ تيار آهي، پر گذريل ڪجهه مهينن ۾ ان عمل جي رفتار گهٽجي وئي آهي. هن …

نيويارڪ – 14 مئي (اي پي پي) آمريڪا چيو آهي ته هو يوڪرين بحران جي سفارتي ۽ پرامن حل لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ تيار آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق اها ڳالهه آمريڪي پرڏيهي وزير مارڪو روبيو هڪ بيان ۾ چئي. مارڪو روبيو چيو ته صدر ڊونلڊ ٽرمپ ۽ سندس ٽيم تڪرار جي سفارتي حل ۾ سهولت ڪاري لاءِ تيار آهي، پر گذريل ڪجهه مهينن ۾ ان عمل جي رفتار گهٽجي وئي آهي. هن اميد ظاهر ڪئي ته جلد اهڙو وقت ايندو جڏهن ٻئي ڌريون ٻاهر ملاقات جي ميز تي اينديون، آمريڪا ان عمل ۾ ٽياڪڙي جو ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ تيار آهي ته جيئن جنگ جو خاتمو ممڪن بڻائي سگهجي. سندس چوڻ هو ته ڪوشش آهي ته يوڪرين بحران کي ڳالهين ۽ سفارتڪاري ذريعي حل ڪيو وڃي.