هيٽي ۾ هٿياربند تشدد ۾ خطرناڪ اضافو، هزارين ماڻهو بي گهر، گڏيل قومن جي رپورٽ

گڏيل قومون – 14 مئي (اي پي پي)گڏيل قومن جي انساني امدادي ادارن هيٽي جي گادي واري شهر پورٽ اوپرنس ۾ هٿياربند تشدد ۾ خطرناڪ اضافي تي شديد ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق گڏيل قومن جي انساني معاملن بابت رابطه آفيس (او سي ايڇ اي) مطابق آچر کان سيتي سولي جي علائقي ۾ جاري پرتشدد چڪرين سبب 5 هزار 300 کان وڌيڪ ماڻهو پنهنجا گهر ڇڏڻ تي مجبور ٿي ويا …

گڏيل قومون – 14 مئي (اي پي پي)گڏيل قومن جي انساني امدادي ادارن هيٽي جي گادي واري شهر پورٽ اوپرنس ۾ هٿياربند تشدد ۾ خطرناڪ اضافي تي شديد ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق گڏيل قومن جي انساني معاملن بابت رابطه آفيس (او سي ايڇ اي) مطابق آچر کان سيتي سولي جي علائقي ۾ جاري پرتشدد چڪرين سبب 5 هزار 300 کان وڌيڪ ماڻهو پنهنجا گهر ڇڏڻ تي مجبور ٿي ويا آهن. بي گهر ٿيل ماڻهن مان اڌ ماڻهن عارضي پناهگاهن ۾ پناهه ورتي آهي جڏهن ته ٻيا متاثر اڳ ۾ ئي دٻاءُ جو شڪار مقامي آبادي سان رهڻ تي مجبور آهن. اي سي ايڇ اي ٻڌايو ته تشدد سبب شهرين جي هنگامي طبي سهولتن تائين پهچ شديد متاثر ٿي آهي. ڊاڪٽرز وڌ آئوٽ بارڊرز (ايم ايس ايف) کي سومر تي سيتي سولي اسپتال مان پنهنجو عملو ڪڍڻو پيو ۽ سرگرميون معطل ڪرڻيون پيون، جتي رڳو 12 ڪلاڪن ۾ 40 کان وڌيڪ گولين سبب زخمي ماڻهن جو علاج ڪيو ويو جڏهن ته 800 کان وڌيڪ ماڻهن اسپتال ۾ پناهه ورتي. اداري مطابق اهي ئي علائقا مارچ ۽ اپريل ۾ به هٿياربند تشدد جو شڪار رهيا هئا، جنهن جي نتيجي ۾ اٽڪل 8 هزار ماڻهو بي گهر ٿيا هئا. گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جي نائب ترجمان فرحان حق خبردار ڪيو ته هڪ ڀيرو ٻيهر تشدد وڌي ويندو آهي ته صورتحال تي ضابطو آڻن انتهائي ڏکيو ٿي ويندو آهي.