پاڪستان ۽ آذربائيجان ڀائر ملڪ آهن جن جا لاڳاپا هر گذرندڙ ڏينهن سان گڏ وڌيڪ مضبوط ٿي رهيا آهن: وزيراعظم محمد شهباز شريف

اسلام آباد - 14 مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ۽ آذربائيجان ڀائر ملڪ آهن جن جا لاڳاپا هر گذرندڙ ڏينهن سان گڏ وڌيڪ مضبوط ٿي رهيا آهن. هن اهڙن خيالن جو اظهار آذربائيجان جي انصاف واري وزير فريد تراب اووعلو احمدوف سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن وزيراعظم هائوس ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ قانون، …

اسلام آباد – 14 مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ۽ آذربائيجان ڀائر ملڪ آهن جن جا لاڳاپا هر گذرندڙ ڏينهن سان گڏ وڌيڪ مضبوط ٿي رهيا آهن. هن اهڙن خيالن جو اظهار آذربائيجان جي انصاف واري وزير فريد تراب اووعلو احمدوف سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن وزيراعظم هائوس ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ قانون، انصاف ۽ انساني حقن وارو وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ، اٽارني جنرل منصور عثمان اعواڻ، قانون ۽ انصاف وارو مملڪتي وزير بئريسٽر عقيل ملڪ، وزيراعظم جو خاص معاون طارق فاطمي ۽ پرڏيهي سيڪريٽري آمنه بلوچ پڻ موجود هئا. گرمجوشي ۽ دوستاڻي ماحول ۾ ملاقات دوران وزيراعظم آذربائيجان جي وزير جي آجيان ڪئي ۽ چيو ته پاڪستان ۽ آذربائيجان ڀائر ملڪ  آهن جن جا لاڳاپا هر گذرندڙ ڏينهن سان گڏ وڌيڪ مضبوط ٿي رهيا آهن. هن آذربائيجان جي صدر الهام عليوف جي لاءِ پنهنجي نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو ۽ ساڻس هن هفتي جي شروع ۾ ٿيندڙ پنهنجي ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه جو پڻ ذڪر ڪيو. وزيراعظم جا ٿورا ادا ڪندي آذربائيجان جي وزير مهمان نوازي تي پاڪستان جا ٿورا ادا ڪيا. هن وزيراعظم کي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ قانوني ۽ عدالتي تعاون جي شعبي ۾ جاري تعاون بابت آگاهه ڪيو. ٻئي ڌريون گڏيل قانوني سهڪار جي طريقيڪار کي وڌائڻ سان گڏوگڏ ٻنهي ملڪن جي عدالتي نظام جي سگهه کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ گڏجي فعال طور تي ڪم ڪري رهيون آهن. وزيراعظم ڌرين جي ڪوششن کي ساراهيندي چيو ته هو پنهنجي ڀاءُ صدر الهام عليوف سان جلد ملاقات جو منتظر آهي ته جيئن ٻنهي ڌرين جي وچ ۾ سمورن شعبن ۾ بهترين ٻطرفي تعاون کي جاري رکي سگهجي.