نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي صدارت ۾ وزيراعظم پاران قائم ڪيل ڪميٽي جو فالو اپ اجلاس

اسلام آباد - 14 مئي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار وزيراعظم پاران قائم ڪيل ڪميٽي جي فالو اپ اجلاس جي صدارت ڪئي جنهن ۾ ايندڙ بجيٽ لاءِ ٽيڪس پاليسي بابت تجويزن تي غور جاري رکيو ويو. نائب وزيراعظم آفيس پاران جاري بيان موجب ڪميٽي مختلف تجويزن تي اڳڀرائي جو جائزو ورتو ۽ ان ڳالهه تي زور ڏنو ته متوازن ۽ ترقي تي ٻڌل …

اسلام آباد – 14 مئي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار وزيراعظم پاران قائم ڪيل ڪميٽي جي فالو اپ اجلاس جي صدارت ڪئي جنهن ۾ ايندڙ بجيٽ لاءِ ٽيڪس پاليسي بابت تجويزن تي غور جاري رکيو ويو. نائب وزيراعظم آفيس پاران جاري بيان موجب ڪميٽي مختلف تجويزن تي اڳڀرائي جو جائزو ورتو ۽ ان ڳالهه تي زور ڏنو ته متوازن ۽ ترقي تي ٻڌل قدم کنيا وڃن جن جو مقصد ٽيڪس نيٽ کي سگهه ڏيڻ، اوڳاڙين ۾ اضافي ۽ سيڙپڪاري سميت معاشي ترقي کي فروغ ڏيڻ آهي. ڪميٽي ان ڳالهه کي به ورجايو ته اهڙيون متوازن ۽ ترقي دوست پاليسيون اختيار ڪيون وڃن جيڪي اوڳاڙين ۾ اضافو ڪن جڏهن ته باقاعدگي سان ٽيڪس ادا ڪندڙن کي اضافي بار کان محفوظ رکيو وڃي. اجلاس ۾ اقتصادي معاملن واري ڊويزن جي وفاقي وزير، وزيراعظم جي خاص معاون طارق باجوه، ناڻي ۽ ريلوي واري مملڪتي وزير، ناڻي واري سيڪريٽري، ايف بي آر چيئرمين ۽ لاڳاپيل وزارتن جي سينيئر عملدارن شرڪت ڪئي.