آصفه ڀٽو زرداري پاران اسلام آباد ۾ هلال احمر سوسائٽي پاڪستان جي هيڊڪوارٽر جو دورو، بيگم نصرت لائبريري جو افتتاح

اسلام آباد - 14 مئي (اي پي پي) خاتون اول ۽ قومي اسيمبلي ميمبر آصفه ڀٽو زرداري وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد ۾ هلال احمر سوسائٽي پاڪستان جي هيڊڪوارٽر جو دورو ڪيو ۽ بيگم نصرت لائبريري جو افتتاح ڪيو. هن پي آر سي ايس جو انساني همدرديءَ جو سفر جي عنوان سان منعقد نمائش جو پڻ معائنو ڪيو. پي آر سي ايس هيڊڪوارٽرز پهچڻ تي خاتون اول جو استقبال …

اسلام آباد – 14 مئي (اي پي پي) خاتون اول ۽ قومي اسيمبلي ميمبر آصفه ڀٽو زرداري وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد ۾ هلال احمر سوسائٽي پاڪستان جي هيڊڪوارٽر جو دورو ڪيو ۽ بيگم نصرت لائبريري جو افتتاح ڪيو. هن پي آر سي ايس جو انساني همدرديءَ جو سفر جي عنوان سان منعقد نمائش جو پڻ معائنو ڪيو. پي آر سي ايس هيڊڪوارٽرز پهچڻ تي خاتون اول جو استقبال پي آر سي ايس جي چيئرپرسن فرزانه نائيڪ ۽ اداري جي سينيئر عملدارن ڪيو، کيس 1947ع ۾ ادارو قائم ڪرڻ کانپوءِ کان پاڪستان ريڊ ڪريسنٽ سوسائٽي جي انساني خدمتن، تاريخي ڪردار ۽ امدادي سرگرمين بابت بريفنگ ڏني وئي جن ۾ سڄي ملڪ ۾ رضاڪارن جو نيٽ ورڪ ۽ نوجوانن جي شموليت جا قدم شامل آهن. بي بي آصفه ڀٽو زرداري بيگم نصرت ڀٽو لائبريري جو افتتاح ڪرڻ جي لاءِ ڦاٿو ڪاٽيو ۽ نمائش جو دورو ڪيو جنهن ۾ پي آر سي ايس جي انساني همدرديءَ جي سفر بشمول آفتن کي منهن ڏيڻ جي ڪاررواين، تاريخي سرگرمين سرگرمين ۽ ڀٽو خان سان واڳيل پراڻي فلاحي قدمن کي اجاگر ڪيو ويو. خاتون اول آصفه ڀٽو زرداري بيگم نصرت ڀٽو لائبريري جي يادگاري تختي جي نقاب ڪشائي پڻ ڪئي ۽ پي آر سي ايس جي چيئرپرسن فرزانه نائيڪ سان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي کيس ٻڌايو ويو ته يونيورسٽين ۽ تعليمي ادارن جا شاگرد هن لائبريري مان فائدو کڻندا جڏهن ته پي آر سي ايس سڄي ملڪ ۾ يوٿ ڪلبز پڻ قائم ڪيا آهن ۽ نوجوان رضاڪارن جي لاءِ رهنمائي جا پروگرامز هلائي رهيو آهي. پنهنجي خطاب ۾ بي بي آصفه ڀٽو زرداري پي آر سي ايس پاران سرانجام ڏيندڙ ويندڙ انساني خدمتن کي ساراهيو ۽ اداري کي وڌيڪ موثر ۽ فعال بڻائڻ جي لاءِ پنهنجي ڀرپور تعاون جي خاطري ڪرائي. هن چيو ته پي آر سي ايس انسانيت جي خدمت ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي ۽ ان مشن کي سنجيدگي ۽ لڳاءُ سان اڳتي وڌائڻ جي ضرورت آهي. دوري دوران بي بي آصفه ڀٽو زرداري مهمانن جي ڪتاب ۾ پنهنجا تاثر پڻ قلمبند ڪيا جنهن ۾ هن چيو ته هو پنهنجي نانيءَ بيگم نصرت ڀٽو، پنهنجي والده شهيد محترمه بينظير ڀٽو ۽ پنهنجي والد جيڪو هن سوسائٽي جو صدر به آهي سان واڳيل انساني خدمت جي روايت کي اڳتي وڌائي رهي آهي. هن پاڪستان ريڊ ڪريسنٽ سوسائٽي جي انسانيت جي لاءِ جاري خدمتن کي ساراهيندي نيڪ خواهشن جو اظهار پڻ ڪيو. پي آر سي ايس جي چيئرپرسن فرزانه نائيڪ چيو ته بيگم نصيرت ڀٽو لائبريري جو افتتاح مرحومه بيگم نصرت ڀٽو جي همدرديءَ، عوامي خدمت ۽ انساني قيادت جي پائيدار ورثي کي خراج خراج عقيدت پيش ڪرڻ جي برابر آهي. هن چيو ته بيگم نصرت ڀٽو ۽ شهيد محترمه بينظير ڀٽو انساني قدرن جي فروغ ۽ ڪمزور طبقن جي مدد جي ذريعي پي آر سي ايس جي مشن جي ڀرپور حمايت ڪئي. هن صدر آصف علي زرداري جا پڻ ٿورا ادا ڪيا جيڪو هن قومي سوسائٽي جو صدر پڻ آهي. هن چيو ته هي لائبريري نوجوانن، رضاڪارن ۽ مستقبل جي انسان دوست ماڻهن جي لاءِ سکڻ، تحقيق ۽ تحريڪ جو هڪ اهم ذريعو ثابت ٿيندي. بعد ۾ آصفه ڀٽو زرداري هيڊڪوارٽرز ۾ پي آر سي ايس جي رضاڪار ٻارن سان ملاقات پڻ ڪئي ۽ انساني ۽ سماجي خدمتن ۾ انهن جي دلچسپي ۽ شموليت کي ساراهيو. ان موقعي تي پاڪستان ۾ آءِ ايف آر سي جو سربراهه آندرياس وائس برگ، آءِ سي آر سي جو سربراهه ڪرسٽوف سوٽر، ترڪ ريڊ ڪريسنٽ جي سربراهه برضا تانر، جرمن ريڊ ڪراس جو نمائندو آصف امان خان، ناروين ريڊ ڪراس جو سربراهه ڊاڪٽر الوگ بيڪ امينوف ۽ قومي اسيمبلي ميمبر شازيه مري پڻ موجود هئا. ان کان اڳ هلال احمر پاڪستان جي هيڊڪوارٽر اچڻ تي خاتون اول جي اداري جي سربراهه ۽ سينيئر عملدارن گرمجوشي سان آجيان ڪئي. چيئرپرسن خاتون اول آصفه ڀٽو زرداري کي هلال احمر پاڪستان جو بيج لڳايو ۽ جيڪٽ پارايو جڏهن ته کيس سوونيئر ۽ پورٽريٽ پڻ پيش ڪيو ويو.